صالح پٽ: مندر مان ڦر ڪندڙ ملزم گرفتار
بيورورپورٽ،سکر
سکر جي علائقي صالح پٽ جي مندر ۾ ٿيندڙ واردات ۾ قيمتي زيورن جي ڦر ۾ چوڪيدار ملوث، پوليس ڄاڻ ملڻ تي واردات جي مک ڪردار کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان بر آمد ڪري ورتو، ايس ايس پي سکر سيد پير محمد شاهه پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن صالح جي مندر ۾ هٿيار بندن ڀرم بادشاهه مندر ۾ داخل ٿي ڪري چئين ماڻهن کي يرغمال ڪري اتان لکين روپين جي ماليت جا زيور، نقد رقم ۽ موبائيل ڦر جي واردات ٿي هئي جنهن تي پوليس پاران هڪ اسپيشل ٽيم مقرر ڪئي وئي هئي، سڀ کان پهريون چوڪيدار مولا بخش شيخ کي پنهنجي تفشيش ۾ شامل ڪيو ويو جنهن تفتيش جي دوران وادارت جو اعتراف ڪيو ۽ ڦر لٽ ڪندڙ گروهه جي ليڊر جي سڃاڻپ ڪئي جنهن تي پوليس ترت ڪاروائي ڪري ڏوهاري گروهه جي ليڊر فرمان علي شاهه عرف ببلي شاهه کي گرفتار ڪري ان جي قبضي مان واردات ۾ چوري ڪيل موبائيل فون، ٻه موٽر سائيڪليون ،وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ٻيو سامان برآمد ڪري ورتو هن ٻڌايو ته هن واردات ۾ ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ ٻن ڏينهن ۾ انهن کي گرفتار ڪيو ويندو هن وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدار فرمان شاهه پوليس کي پهريان ئي اغوا ۽ ٻين سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل هيو ايس ايس پي پريس ڪانفرنس دوران وڌيڪ ٻڌايو ته سکر پوليس گذريل ڏينهن هڪ شخص رفيق احمد جوڻيجو جي موٽرسائيڪل ڦر جي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي هڪ زخمي جوابدار خادم حسين ۽ ان جي ساٿي زوهيب کي گرفتار ڪيو ۽ ان جي قبضي مان موٽر سائيڪل ۽ اسلحو بر آمد ڪيو ويو.