خيرپور

صاف ۽ شفاف نموني سان چونڊون ڪرائڻ لاءِ حڪومت ڀرپور ڪوششون پئي ڪري، غلام قاسم جسڪاڻي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ خيرپور
Ghulam Qasim Jiskani (640x240)ماهيگيري ۽ لائيواسٽاڪ جو نگران صوبائي وزير غلام قاسم جسڪاڻي چيو آهي ته نگران حڪومت جي پهرين ترجيح ملڪ اندر صاف ۽ شفاف نموني عام چونڊون ڪرائڻ آهي جنهن لاءِ نگران حڪومت ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبائي نگران حڪومت جي مختصر عرصي دوران اها ڪوشش هوندي ته عوام مسئلن کي حل ڪجي هن اهڙو اظهار سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي ضلعي آفيسرن سان هڪ گڏجاڻي ڪندي ڪيو. فشريز ۽ لائيواسٽاڪ جي نگران صوبائي وزير چيوته نگران حڪومت پاران مختصر عرصي ۾ مختلف کاتن جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن اليڪشن ڪميشن جي حڪمن جي پڻ بهتر نموني پوئواري ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به کاتي جي عملدار خلاف شڪايت آئي ته ان خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي فشريز کاتي جي ڊسٽرڪٽ آفيسر نصرالله لاڙڪ پاران ضلعي جي فشريزکاتي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جڏهن نگران صوبائي وزير فشريز جي ضلعي آفيسر کي سندن گهربل جديد سائنسي اوزارن، فشريز ٽريننگ سينٽر ۽ ٻين اسڪيمن جي حوالي سان پرپوزل جمع ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺياڻي، ايس ايس پي نويد احمد خواجه، ڊي او لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر احتشام الحق، ڊي او فشريز نصرالله لاڙڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن گڏجاڻي کانپوءِ ڪوٽڏيجي، گمبٽ ۽ سوڀوديرو جي آبادگارن صوبائي وزير کي بارداني نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ڊي ايف سي خيرپور جي شرڪت نه ڪرڻ تي صوبائي وزير ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر طارق علي نظاماڻي کي ڊي ايف سي کي بارداني جي شفاف نموني ورهاست لاءِ هدايتون جاري ڪيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button