سکر: پ پ سينيٽر اسلام الدين شيخ ۽ اڳوڻي ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ ٻين خلاف نعرا
انڊس نيوز ڊاٽ، سکر
سکر ۾ عوامي شهري اتحاد جي هفتي کان پوءِ ٻيهر سرگرمي شهر ۾ ريلي ڪڍي شهر مان چونڊيل پ پ جي چونڊيل نمائندن خلاف نعري بازي ڪندي پ پ جي اعليٰ قيادت کان ڏنل ٽڪيٽن تي نظر ثاني جي گهر خبر موجب سکر جي سينيئر صحافي لالا اسد پٺاڻ پاران سکر مان ڪرپٽ چونڊيل نمائندن مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ جوڙيل عوامي شهري اتحاد طرفان پراڻي سکر کان هڪ وڏي ريلي ڪڍي پ پ سينيٽر اسلام الدين شيخ ،سندس اڳوڻي ايم اين اي پٽ نعمان اسلام شيخ ۽ ٻين خلاف نعرا لڳائيندي ريلي تيرچوڪ وٽ هڪ وڏي احتجاجي ميڙ ۾ تبديل ٿي وئي ان موقعي تي لالا اسد پٺاڻ، پ پ پ اڳواڻ يوسف جاگيراڻي ، نصر الله وسير ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي سکر سٽي لاءِ جنهن اميدوار جو انتخاب ڪيو آهي ان جو تعلق عوام سان ناهي گذريل 5 سالن دوران جن سکر شهر کي کنڊر ۾ تبديل ڪيو جيڪڏهن انهن کي ٻيهر اقتدار ۾ آڻڻو آهي ته پوءِ اليڪشن جي ڪهڙي ضرورت آهي سليڪشن ذريعي اهڙن ماڻهن کي ايوانن تائين پهچايو وڃي هنن سکر جي مسئلن جو ذميدار سکر هائوس ۽ ان وقت جي چونڊيل نمائندن کي قرار ڏيندي چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام جي خادمن کي ووٽ ڏنو ويندو جيڪي پاڻ کي حڪمران سڏائڻ بجاءِ عوام جي خدمت تي يقين رکندا هجن سکر جا ماڻهو سجاڳ ٿي ويا آهن سندن احتساب کان ڪو به ڪرپٽ ماڻهو بچي نه سگهندو، سندن وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن سکر هائوس ۾ ويٺل نمائندن پنهنجن روين ۾ تبديلي نه آندي ته پوءِ هتان جا ماڻهو احتجاج جو دائرو وڌائيندي اڃا وڌيڪ سخت رد عمل ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا هنن پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، صدر آصف علي زرداري ۽ محترمه فريال ٽالپر کي اپيل ڪئي ته احتجاج جو نوٽيس وٺي شهرين جي هڏ ڏوکي نمائندن کي موقعو فراهم ڪيووڃي.