سکر: پ پ اميدوار عوام کان ھٿ ٻڌي ووٽ گھرڻ لڳو
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
سکر اين اي 198 جو اميدوار نعمان اسلام شيخ چونڊ مهم لاءِ ميدان تي لهي پيو، بئراج ڪالوني جي رهواسين پاران مسئلا حل نه ٿيڻ ۽ سالن کانپوءِ تڪ ۾ اچڻ تي ڇتي تنقيد، اميدوار تنقيد باوجود هٿ ٻڌي ووٽ گهرندو رهيو، تفصيل موجب سکر جي بئراج ڪالوني ۾ ان وقت رهواسين اين اي 198 جي اميدوار نعمان اسلام شيخ کي تنقيد جو نشانو بڻايو جڏهن هو پي ايس 1 جي اميدوار حاجي انور خان مهر سان گڏ غلام قادر ڏهر پاران منعقد ڪرايل تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو ته اتي موجود سوين ماڻهن کيس پنهنجي علائقي ۾ صحت ، تعليم ، سيوريج ۽ بجلي جي مسئلن بابت سوالن جا انبار لڳائي ڇڏيا ان موقعي تي راشد علي ڏهر. اسماعيل شيخ ۽ ٻين اٿي بيهي کيس چيو ته چونڊن کٽڻ کانپوءِ اوهان کي هينئر تڪ ۾ ڏٺو آهي سياستدان ووٽ وٺڻ لاءِ سمورا هربا استعمال ڪن ٿا اقتدار ۾ رهي خوش آمدي ٽولي کي نوازيو ويو بئراج ڪالوني جي ماڻهن بسترين ۽ اذيت واري زندگي گذاري ڪڏهن اوهان کائن مسئلا پڇڻ لاءِ به نه آيا هينئر ڪهڙي سوچ ۽ منهن سان ووٽ وٺڻ لاءِ آيا آهيو پروگرام جو آرگنائيزر کين تنقيد ڪرڻ کان روڪيندو رهيو پر هنن چيو ته احتساب جو ان کان بهترين رستو ڪو به ناهي جيڪڏهن هي اسان کان ووٽ وٺي اقتدار تائين پهچن ٿا ته کين اي سي وارن ڪمرن ۽ گاڏين مان ٻاهر نڪري پنهنجي ووٽرن کي ڏسڻ به گهرجي ان موقعي تي نعمان اسلام شيخ هٿ ٻڌي کين ووٽ ڏيڻ لاءِ چوندو رهيو ۽ علائقي جي بجلي جي بحالي لاءِ 9 لک روپين جي ماليت وارو بجلي جو ٽرانسفارمر خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاران 2 لک روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو