سکر: پٽن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي،پيرسن عورت جي دانھن
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
تعلقه لکي غلام شاهه جي علائقي جهلي ڪلواڙي جي رهواسڻ بيوه عورت مسمات خاتون بيوه پيارو خان ابڙو پاران پوليس جي زيادتين ۽ مخالفن جي بلاجواز الزامن ۾ 2 پٽن جي گرفتاري تي دانهيندي چيو آهي ته منهنجي پٽن کي ناليواري ڏوهارين پهريون پنهنجي ڳوٺ ايندي رستي ۾ منهنجي پٽ اصغر علي ابڙو ۽ ٻين کي مار ڪٽ ۽ تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، ۽ پاڻ هي ڪوڙا الزام لڳائي ڪري پوليس رپورٽ داخل ڪري انهن کي رشوت عيوض گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو، هاڻي گناهه جي اقرار جي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن ۽ قبول نه ڪرڻ تي پوليس جي ذريعي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن جي غيرجانبدارانه تحقيقات ڪرائي، مون پيرسن عورت کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، منهنجي مڙس جي نه هجڻ جو فائدو وٺي ڪري مخالف بيوه خاتون تي ظلم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته برادري تڪرار جو جواز بڻائي ڪري منهنجي پٽن محمد اشرف ابڙو، علي اصغر ابڙو کي مخالفن بلاجواز ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري تشدد ڪري گناهه جو اعتراف ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، برادري جي جهيڙن ۽ اختلافن ۽ ۽ ڪنهن به قسم جي تڪرار سان منهنجي پٽن جو ڪوئي تعلق نه آهي،بيوه خاتون ڪوڙن ڪيسن جي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ نيو پنڊ جي علائقي سکر ۾ هڪ 12 سالن جي سيما ڌيءَ غلام شبير ابڙو جي ڌيءَ جي وفات طبيعت جي خراب ٿيڻ تي ٿيو، جنهن جي قتل جو ڪوڙو ڪيس لڳائي ڪري منهنجي پٽن کي بي بنياد ڪيس داخل ڪرائي، مخالف بخشڻ ابڙو، مشتاق ابڙو، مظهر ابڙو، رحيم بخش ابڙو، الله لوڪ ابڙو ۽ ٻيا بااثر آهن، ۽ منهنجي پٽن کي ڪوڙن ڪيسن م ڦاسائڻ چاهين ٿا، پوليس سان ملي ڪري منهنجي پٽن کي رشوت عيوض گرفتار ڪرايو ويو، پوليس اسان جو موقف ٻڌڻ بغير ئي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري، پٽن کي گرفتار ڪري بي پناهه تشدد جو نشانو بڻايو، ۽ نه ڪيل گناهه جو اعتراف ڪرائڻ جي لاءِ مار ڏني وئي، جڏهن ته منهنجي ٻين گهروارن ان واقعي جي خلاف آواز اٿارڻ تي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، بيوه خاتون مسمات خاتون چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ هائي ڪورٽ، گورنر سنڌ، نگران وڏي وزير، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي، ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي آهي ته واقعي جي غيرجانبدارانه تحقيقات ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ منهنجي پٽن کي آزاد ڪرايو وڃي.