سکر: اڳوڻن چونڊيل نمائندن شهر کي وڌيڪ کنڊرات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ماجد اقبال ملڪ
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، بيورو رپورٽ، سکر
قومي اسيمبلي جي تڪ 198 ۽ سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس ون جي آزاداميدوار ماجد اقبال ملڪ چيو آهي ته سکر جي اڳوڻن چونڊيل نمائندن شهر کي ترقي ڏيارڻ بجاءِ سکر شهر کي وڌيڪ کنڊرات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ترقياتي ڪمن ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ڪندي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري قومي خزاني کي نقصان پهچائيندي پنهنجي بينڪ بيلنس ۾ اضافو ڪيو شهر ۽ شهرين سان ناانصافين جي انتها ڪئي وئي سکر جا شهري پنج سالن تائين چونڊيل نمائندن جي واعدن ۽ دلاسن جي آسرن ۾ رهيا جڏهن ته هاڻي وقت اچي ويوآهي ته سکر واسي اڳوڻن چونڊيل نمائندن جو احتساب ڪن، سکر پريس ڪلب ۾ سيد شوڪت شاهه، محمد وسيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سکر مان چونڊيل اڳوڻن نمائندن شهر کي بجليءَ جي کوٽ کي پرو ڪرڻ لاءِ فوري طور تي ٿرمل پاور پراجيڪٽ شروع ڪيو وڃي هاته سکر سميت ڀرپاسي وارا شهر گهريلو صنعت سميت لوڊشيڊنگ جي آزار کان بچي وڃن ها پر انهن جي غير سنجيدگي ۽ عوام سان همدردي نه هجڻ ڪري سکر جا رهواسي اونڌھ۾ گذارو ڪرڻ تي مجبورآهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اڳوڻن عوامي نمائندن صرف پنج سال مفادن لاءِ ڪم ڪيو جيڪڏهن عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪن ها ته سکر جي حالت خراب نه هجي ها اگر منهنجو ساٿ ڏنو ته اشاءَ الله سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندم.