سکر: ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ۽ هوائي جهاز ۾ اچانڪ باهه لڳڻ سبب بچاءَ جي سکيا ڏني ويئي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ۽ هوائي جهاز ۾ اچانڪ باهه لڳڻ جي سلسلي ۾ سول ايويئيشن اٿارٽي، ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس، پاڪستان ايئرفورس ايئرپورٽ اٿارٽي، واپڊا، ايڌي، سول ڊفينس، شيل پاڪستان ۽ ٻين ادران جي گڏيل سهڪار سان بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر جي ايئرپورٽ مينيجر لطف الله ڀٽو جي نگراني هيٺ فل اسڪيل ايمرجنسي ايڪسرسائيز 2013 رن وي تي ڪئي وئي. لطف الله ڀٽو ان موقع تي بريفنگ ڏيندي چيو ته جهاز ۾ باهه لڳڻ کان بعد هنگامي طور تي مسافرن کي طياري مان لاهڻ، زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ ۽ فوت ٿيڻ وارن کي ايمبولينس جي ذريعي اسپتال پهچائڻ جي مشق هر ٻن سالن جي بعد ڪئي ويندي آهي هن مشق جا مقصد ايئرپورٽ سان وابسته ادارن جي اندر خامين کي دور ڪرڻ ۽ صلاحيتن جو جائزو وٺي ڪري بهتر ڪرڻ آهي. ان موقع تي سول ايويئيشن جي ڊاڪٽرز، پيراميڊِڪل اسٽاف ۽ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف ٻڌايو آهي ته ان مشق ۾ ڪجهه علامتي فوت ٿيا آهن جڏهن ته ڪافي علامتي زخمين کي فوري اسپتال پهچايو ويو ۽ معمولي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي جڏهن ته ان موقع تي فائر فائٽرز طياري ۾ لڳل باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت محنت جو مظاهرو ڪيو ۽ ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس حادثي واري جڳهه جي چئيني پاسن کان ڪڙو چاڙهي غير متعلقه ماڻهن کي هوائي جهاز کان پري رکيو ويو. ان موقع تي فائر انجنيئر محمد طارق آغا، بيس ڪمانڊر سکر طارق اقبال، پي آءِ اي اسٽيشن مئنيجر محمد سالم هاشمي، واپڊا جي سينيئر انجنيئر سيد محمد عباس شاهه ۽ ٻِيا اعليٰ ۽ سول آفيسر پڻ موجود هئا.