سيد خورشيد شاهه جا فارم اين اي 199 ۽ پي ايس4 تي منظور بيورورپورٽ ،سکر
بيورورپورٽ ،سکر
اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه پاران قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 199 ۽ پي ايس چار جي لاءِ داخل ڪرايل نامزدگي فارم ريٽرننگ آفيسر منظور ڪري ڇڏيا، نامزدگي فارم جي منظوري جي ٽائيم اڳوڻو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه عدالت ۾ موجود نه ٿيو ان پاران ان جو وڪيل مڪيش ڪمار عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ان خورشيد شاهه تي لڳايل اعتراضن جا جواب ڏنا جنهن بعد ريٽرننگ آفيسر خورشيد شاهه تي لڳايل 26 اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو، نامزدگي فارم جي بحاليءَ جي بعد وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي وڪيل مڪيش ڪمار ميڊيا سان ڳالهائندي چيوته اڳوڻو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه تي ان جي مخالفن پاران لڳايل هئا اعتراضن جو ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو ويو ۽ ان ئي لڳايل اعتراضن جي ڪابه حقيقت هئي. ٻئي طرف اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه تي اعتراض لڳائيندڙ وڪيل ۽ سکر بچايو اتحاد جي ڪنوينر شهزادو ڊريهو ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته اڳوڻي وفاقي وزير خورشيد شاهه جي نامزدگي فارم ڊيل جي تحت منظور ڪيا ويا، خورشيد شاهه پنهنجي مٿان لڳايل اعتراضن تي نه ڪالهه پيش ٿيوهو ۽ نه ئي اڄ پيش ٿيو، هنن الزام لڳايو ته ريٽرننگ آفيسر هنن جي ڪا به ڳالهه نه ٻڌي ۽ نه ئي وري ڪوبه ثبوت پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو، هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته 2008 جي اليڪشن ۾ خورشيد شاهه پنهنجي بنگلي جي قيمت 40 لک ظاهر ڪئي هئي پر هن ڀيري نامزدگي فارم ۾ هن بنگلي جي قيمت 19 لک ظاهر ڪيا آهن هنن چيو ته اعتراض رد ڪرڻ جي خلاف ايپلٽ ٽريبونل ۾ درخواست داخل ڪرائينداسين.