سنڌ ۾ وونئڻن جي پوک ڏاکڻي سنڌ ۾ 15 کان 20 سيڪڙو ۽ اتر سنڌ ۾ هڪ کان ٻه سيڪڙو ٿي چڪي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، حيدرآباد
سنڌ ۾ وونئڻن جي پوک ڏاکڻي سنڌ ۾ 15 کان 20 سيڪڙو ۽ اتر سنڌ ۾ هڪ کان ٻه سيڪڙو ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڪڻڪ جو لابارو جاري آهي جيڪو ڏاکڻي سنڌ ۾ 70 کان 80 سيڪڙو ۽ اتر سنڌ ۾ 50 سيڪڙو تائين ٿي چڪو آهي اهڙي طرح اٽڪل سڄي سنڌ ۾ 50 سيڪڙو تائين ڪڻڪ جي ٿريشنگ ٿي چڪي آهي جڏهن ته فيلڊ سروي موجب ڪڻڪ جي بهتر اپت جو امڪان آهي. اها ڳالهه ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع سنڌ هدايت الله ڇڄڙو ضلعي عملدارن سان منعقد ڪيل ¬ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ٻڌائي_ ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع سنڌ خريف موسم جي شروعات تي مارڪيٽ ۾ ڪيميائي ڀاڻ ۽ دوائن جي لاڳيتي چڪاس جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ڪيميائي ڀاڻ سنگل سپر فاسفيٽ جون شڪايتون ملي رهيون آهن آهن تنهنڪري وڌ ۾ وڌ ان ڀاڻ جا نمونا ليبارٽري موڪليا وڃن جڏهن ته ناقص ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن آبادگار پوک دوران معياري ڀاڻ ڪتب آڻڻ کي يقيني بڻائي سگهن. هن ، آبادگارن کي چيو ته اهي پنهنجي زمين جي مٽي ويجهي مٽي چڪاس ڪرڻ واري ليبارٽري کان چيڪ ڪرائڻ بعد ڪيميائي ڀاڻ استعمال ڪن ۽ زرعي عملي سان ويجهي رابطي ۾ رهن ته جيئن سندن پيداوار ۾ وڌ کان وڌ اضافو آڻي سگهجي.