انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا ڪاظم علي شاههاين اي 217 جي فنڪشنل اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه دعوا ڪئي آهي ته 11 مئي تي سنڌ سان غداري ڪري سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائيندڙ پي پي اميدوارن کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻيندس. لڪياري هائوس ۾ پارٽي ڪارڪنن کي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو عوام هوشيار ۽ سجاڳ ٿي چڪو آهي ان ڪري سنڌ جي غدارن کي ڪنهن به صورت ۾ ووٽ نه ملندو ۽ 11 مئي انهن جي احتساب جو ڏينهن آهي. هن چيو ته سنڌ جو محافظ پير پاڳارو آهي جنهن سنڌ خلاف ٿيندڙ سڀني سازشن جو مقابلو اڳ به ڪيو آهي ۽ هاڻي به اهوئي مقابلو ڪندو. گڏجاڻي کي ضلعي صدر سيد محرم علي شاهه، سيد عباس علي شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو.