سنڌ اندر پورهتين کي ٺيڪيداري نظام تحت پيڙهيو پيو وڃي، سنڌ نيشنل فيڊريشن
1 مئی ، 2013آخري ڀيرو ايڊيٽ ٿيل 1 مئی ، 2013
0 ھڪ منٽ جو مطالعو
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڏهرڪي سنڌ اندر پورهتين کي ٺيڪيداري نظام تحت پيڙهيو پيو وڃي، سنڌ نيشنل فيڊريشنسنڌ نيشنل فيڊريشن سکر ريجن پاران ڏهرڪي ۾ پورهتين جي بنيادي حقن لاءِ سنڌ ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ضلع گهوٽڪي جي مختلف شهرن جي سوين پورهتين شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن راڻا محمود علي خان،عبدالفتاح ملڪ،تشڪيل احمد صديقي،دين محمد لکڻ،راحب سومرو،شهزادو پنهيار،امام بخش سومرو ۽ ٻين چيو ته ضلع گهوٽڪي سميت سموري سنڌ اندر پورهتين کي ٺيڪيداري نظام تحت پيڙهيو پيو وڃي ۽ هنن کي بنيادي سهولتن کان پڻ محروم رکيو پيو وڃي جيڪو هنن جي حقن تي ڌاڙو ۽ ناانصافي آهي هنن وڌيڪ چيو ته هن ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي جي دور ۾ سنڌ جي محنتي پورهتين کي ورڪز ويلفئر پاران فنڊ ڏيڻ بجاءِ ڏاج،فوتگي گرانٽ ۽ ٻارن جي اسڪالرشپ جاري ڪرڻ بجاءِ اهي فنڊ روڪيا ويا آهن ۽ پورهتين جي پگهارن ۾ پڻ گهٽتائي آهي هنن حڪومت جي اعليٰ اختيارين کا مطالبو ڪيو پورهتين کي ٺيڪيداري نظام مان نجات ڏياري هنن جا جائز مطالبا مڃيا وڃن