سنڌيونيورسٽي

سنڌيونيورسٽي جي سمورن شعبن جا سيمسٽر امتحان سومر 22 اپريل کان شروع ٿي رهيا آهن

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
university-sindh-سنڌيونيورسٽي جي سمورن شعبن جا سيمسٽر امتحان سومر 22 اپريل کان شروع ٿي رهيا آهن. سنڌيونيورسٽي انتظاميه پاران سيمسٽر امتحان جي سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ سنڌيونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ سيڪشن پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين کي حيدرآباد، قاسم آباد، لطيف آباد ۽ ٻين علائقن کان يونيورسٽي آڻڻ لاءِ پهرين وانگر هن ڀيري به پوائنٽ بسون هلائڻ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي. شيڊيول موجب پوائنٽ بسون بدين اسٽاپ، گلشنِ مهراڻ ذيل پاڪ، لطيف آباد نمبر 5 ۽ 7 ، حسين آباد، ايگريڪلچر ڪامپليڪس، انور ولاز، واڌو واهه، پونم پيٽرول پمپ ، علي پيلس، شيدي ڳوٺ ، سحرش نگر، نسيم نگر، شاليمار، هيپي هومز، چانڊيا ڳوٺ، سٽيزن ڪالوني، گلستان سجاد، ڏيپلائي ڪالوني، ڀٽائي ٽائون، ڀٽائي نگر، ماروي ٽائون، رحمان ڪاٽيجز، جي او آر ڪالوني، سول لائين، اولڊ ڪئمپس ، ڦليلي، شهاب سئنيما، ٽنڊو ولي محمد، مارڪيٽ، سٽي گيٽ، بلديه، صائمه پلازه، چينل موري، ڪوٽڙي سٽي، ڪوٽڙي لطيف چوڪ، خدا ڪي بستي، مسلم ٽائون، ڪوٽڙي ڦاٽڪ ، سائيٽ ڪوٽڙي، ڄامشورو ڪالوني، پاور هائوس، ڦاٽڪ، هالا، ڀٽ شاهه، ٽنڊو ڄام، نصر پور، ٽنڊو آدم، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص، ماتلي، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو قيصر، نئين پل، الفتح ٽائون، پٺاڻ ڳوٺ ۽ ماري گارڊن کان پوائنٽ بسون صبح جو ساڍي ستين وڳي ڄامشورو لاءِ روانيون ٿينديون.
ٻئي طرف سنڌيونيورسٽي انتظاميه سيمسٽر امتحان جي سلسلي ۾ يونيورسٽي جا تدريسي ۽ انتظامي شعبا ڇنڇر ڏينهن معمول موجب کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ شعبن جا استاد ۽ انتظامي عملو سميسٽر امتحان جي حوالي سان شاگردن جي رهنمائي ڪندا. جڏهن ته سمورن شعبن جي ڊائريڪٽرس، چيئرپرسن پاران سيمسٽر امتحان جي حوالي سان ڊپارٽمنٽل ڪاميٽيون ٺاهيون ويون آهن، جيڪي امتحاني مرڪز ن تي شاگردن جي ايڊمٽ ڪارڊ ۽ سندن ٻيون ڏنل ذميواريون سنڀاليندا.
جڏهن ته ڊائريڪٽر ايڊميشن جي آفيس پڻ ڇنڇر ڏينهن کليل رهندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button