دنيا جو سفر ڪندڙ تاتار سائيڪل سوارن آمريڪا جو سفر مڪمل ڪري ورتو
روس جي ريپلبڪ تاتارستان سان تعلق رکندڙ ٻن سائيڪل سوارن "يونيورسياڊ 2013” سان منسوب دنيا جو سفر ڪري رھيا آھن ۽ ھن وقت آمريڪا جو سفر مڪمل ڪري چڪا آھن. ٻن مھينن ۾ تاتارستان جا رانديگر 40 کان زياده آمريڪي شھرن مان گذريا. اربع ڏينھن جھاز جي ذريعي چين لاءِ روانا ٿي ويندا. انھن جو دنيا جو سفر 3 نومبر ۾ شروع ٿيو ھئو. ان وقت کان رانديگر 13 ھزار ڪلوميٽرن جو رستو طئي ڪري چڪا آھن. ھر جڳه تي انھن جو سٺو آڌرڀاءُ ڪيو پيو وڃي، اھي تنبن، ھوٽلن يا مھمان نواز شھرين وٽ راتيون گذاريندا آھن. تاتارستان جا مقامي باشندن کي پنھنجي اباڻن شھرن جو تعارف ڪرائيندا آھن جتي ھن سال جولاءِ ۾ "يونيورسياڊ 2013” يعني ورلڊ اسٽوڊنٽ گيمز جي پروگرام ۾ 27 مختلف قسمن جي راندين جا مقابلا ٿيندا. تاتارستان جا رانديگر گيمز جي افتتاح تائين وطن واپس اچڻ جو ارادو رکن ٿا.ھي مقابلا 6 جولاءِ کان 17 جولاءِ تائين منعقد ٿيندا.