اليڪشن 2013سکر
حڪومت نوناري برادري جي نوجوانن کي نظر انداز ڪيو، نوناري برادري
انڊس نيوز ڊاٽ سکر
سکر ۾ پريس ڪلب تائين نوناري برادري جي ماڻهن ڳوٺ الله نواز نوناري بچل شاهه مياڻي کانريلي ڪڍي نعرا هڻندي پهتا جنهن ۾ برادري جي وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪري يڪتهجي جو اظهار ڪيو ان موقعي تي قادر بخش، جادل ، محمد نواز ، حاجي محمد هاشم، بخشڻ نوناري ۽ ٻين چيو ته هر حڪومت نوناري برادري جي نوجوانن کي نظر انداز ڪيو پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگار ۽ تڪليفن ۾ مبتلا رهيا آهن جڏهن ته نوناري برادري جي علائقن کي پڻ هڪ سازش تحت ترقياتي ڪمن کان نظر انداز ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري برادري جي ماڻهن ۾ بيچيني واري صورتحال آهي جيڪڏهن وقت سر نوٽيس وٺي ڌيان نه ڏنو ويو ته چونڊيل نمائندن جو احتساب ڪيو ويندو