جوھي

جوھي: ڪڻڪ جو وڪرو ڪرڻ عذاب بڻجي ويو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،جوهي
wheat (640x280)ڪڻڪ جو وڪرو ڪرڻ عذاب بڻجي ويو ، بارداڻو جا اختيار روينيو حوالي آبادگار سخت پريشان آفيسر آفيس ۾ ويهڻ ڇڏي ڏنو ڪميشن ايجنٽ مقرر آبادگارن جو احتجاج خبر موجب ڪڻڪ جو فصل لهندي سرڪار پاران باردانو جو اختيار روينيو کاتي جي حوالي ڪرڻ بعد آبادگار مختيار ڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس جا چڪر ڪاٽڻ لڳا آهن گذريل ڏينهن سون جي تعداد ۾ گڏ ٿيل آبادگار روينيو کاتي جي نا جائزين خلاف شير محمد ٻٻر ،ڪريم بخش جمالي ،فاروق ٻٻر محمد شريف،غلام عباس لغاري ،ديدرا لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختيار ڪار آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري مختيار ڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته روينيو کاتو سدائين غريبن کي لٽيندو رهي ٿو ڪڏهن وطن ڪارڊ جي حوالي سان ته ڪڏهن بارداڻي جي حاصلات لاءِ هنن الزام هڻندي چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۾ ويهڻ بجا ءِ خانگي جاءِ تي ويهي ڪلارڪن کي درخاستون وٺڻ جو چيو آهي في درخاوست تي 5 سو روپيا رشوت مقرر ڪري ورتي آهي هنن چيو ته پنهجو فصل وڪرو ڪرڻ به عذاب بڻجي ويو آهي خوراڪ کاتو ۽ واپاري ٻٽ بڻيل آهن لهندڙ ڪڻڪ جو فصل گدام پاران ڳرا شرط رکي خريد ڪرڻ کان جواب ڏنو پيو وڃي جنهن سبب آبادگار اڌ ملهه ۾ فصل واپارين کي وڪرو تي مجبور آهن هنن خوراڪ جي سيڪريٽري نگران وڏي وزير کان مطالبو ڪندي چيو ته آبادگارن سان انصافي ختم ڪري بارداڻو ڏنو وڃيٻي صورت۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button