جوھي

جوھي شھر گندگي جي ور چڙھيل، انتظاميه ستل

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ جوهي

جوھي شھر گندگي جي ور چڙھيل، انتظاميه ستل
جوھي شھر گندگي جي ور چڙھيل، انتظاميه ستل
نگران سرڪار ٻوٽو نه ٻاريو ،شهرگندگي جي ورچڙهيل ٽي ايم اي آفيس ڪرپشن عروج تي پهتل شهري سخت پريشان گندو پاڻي گهرن ۽ قبرستانن ۾ ڪاهي پيو گهر تباه ،قبرون مسمار ، رپورٽ مطابق ماضي دور ۾ هڪ ڪروڙ ويه لک جي لڳ ڀڳ بجيٽ رکندڙ تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن جوهي پنجن ورهين دوران جوهي شهر م صفائي نه ڪرائن سبب شهر جو گندو پاڻي گهٽين ، گهرن ۽ قبرستانن ۾ داخل ٿي ويو جنهن سبب جوهي شهر جي مستوئي محله ، سيد آباد ڪالوني ، لاشاري پاڙو نئين ڪالوني سميت اڪثر شهر جا هيٺائين وارن علائقن جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا گهٽين گندو ۾ پاڻي بيهڻ ڪري شهرين جو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي جڏهن ٽي ايم اي جي نا اهلي سبب گندو پاڻي شهر جي 3 مکيه قبرستانن .وليو فقير ، واصل فقير ۽ احسان فقيرجي قبرستانن ۾ داخل ٿي ويو جنهن سبب سوين قبرون مسمار ٿي ويون اهري عمل خلاف شهرين باربار سخت احتجاج ڪندي ٽي ايم او جوهي ، ايم پي اي ،ايم اين اي ۽ سول جج جوهي وٽ دانهيو مگر ٽي ايم او جوهي تي جونءِ به نه چري شهر ۾ گندي پاڻي بيهڻ سبب بدبوء دار ماحول ٿي ويو ڪيتريون ئي ڪالونيون صفائي نه ٿيڻ ڪري رهائش جي قابل ئي نه رهيون آهن پوڙهن ۽ ننڍڙن ٻارڙن جو گهٽين ۾ گندي پاڻي جي بيهڻ سبب سلپ ٿيڻ معمول بڻيل آهي اهڙي عمل خلاف شهرين سيد نور محمد شاه ، امداد لاشاري ،حامد لاشاري ،ظريف ۽ ٻين انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ سان ڳالهائيندي چيو ته جمهوري دور ۾ بار بار احتجاج ڪرڻ شڪايتن باوجود ڪو به کڙتيل نه نڪتو هاڻي نگران دور ۾ اميدون هيون ته ٽي ايم اي جوهي ۾ سڌارو ايندو شهر ۾ صفائي سٿرائي ٿيندي مگر اڳوڻي حڪومت ۽ نگران م ڪو به فرق نظر نه ٿو اچي هنن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته ماضي 72 ڪروڙن کان مٿي کنيل بجيٽ جو احتساب ڪيو وڃي ۽ شهرکي کنڊرات بڻا ئندڙن خلاف ڪارروائي وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button