جتوئي خاندان جي سنڌ کي سخت ضرورت آهي، عرفان عباسي
جاويد ڪانڌڙو، مورو
تفصيل موجب: اڄ مهراڻ سٽيزن ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ناليوار اديب اين پي پي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عرفان عباسي سان مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ملاقات ڪري چيو ته سنڌي قوم جنهن رستي تي بيٺي آهي اُتي جتوئي خاندان جي سنڌ کي سخت ضرورت آهي، مهراڻ سٽيزن ڪلب جي ٻين عهديدارن جن ۾ اسلم عباسي، فياض ٻرڙو، اسد سولنگي، عمران ميمڻ بولاڻي،جاويد مصطفى ڪانڌڙو، ايڊووڪيٽ عبدالغفار ميمڻ، توفيق احمد ملڪ ۽ ٻين ملاقات ڪندي چيو ته مهراڻ سٽيزن ڪلب جا سڀ عهديدار توڙي ميمبر جتوئي خاندان سان هميشه گڏ رهيا آهن ۽ رهندا، مهراڻ سٽيزن ڪلب جي ممبرن کي عرفان عباسي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مان مهراڻ سٽيزن ڪلب جي سڀني عهديدار ۽ ميمبرن جو ٿورائتو آهيان جن مسرور خان جتوئي ۽ ٻين جتوئي ڀائرن تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اميد ته جتوئي خاندان پڻ سنڌ جي ڀلائي لاءِ هميشه وانگر اسيمبلي ۾ سنڌ ڪاز لاءِ وڙهندا رهندا، عرفان عباسي چيو ته مسرور خان جتوئي ۽ عارف مصطفى جتوئي جو اسيمبلي اندر رول سڀني کان ڳجهو نه آهي جتوئي خاندان هميشه سنڌ ماءُ لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ ۾ پي پي ۽ ايم ڪيو ايم وري سازش ڪري ٻٽو نظام آڻيندا ته مسرور خان جتوئي ۽ ٻيا سخت مذاهمت ڪندا، ان موقعي تي سنڌ روويو ڊلپمينٽ سوسائٽي جي جنرل سيڪريٽري عامر جوکيو خطاب ڪندي چيو ته اسان سڀ سماجي تنظيمون جتوئي خاندان کي نه صرف ووٽ ڪنداسين پر ان لاءِ سر ڌڙ جي بازي پڻ لڳائينداسين ان موقعي تي انڊس رولر ڊولپمينٽ جي صدر ۽ اين اي 211 جي ن ليگ جو اميدوار غلام مرتضى آرائين ن ليگ جي سڀني اميدوارن جتوئي خاندان جي حمايت ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان موقعي تي نيشنل پيپلز پارٽي جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عرفان عباسي ن ليگ جي سڀني اميدوار جو ٿورو مڃيو، ان موقعي تي سگا اڳواڻ حفيظ الرحمان شيخ چيو ته سگا مورو جا عهديدار جتوئي خاندان جي مڪمل حمايت ڪندا ۽ هن تڪ جي سڀ سماجي تنظيمون گڏجي جتوئي خاندان جي اليڪشن مهم هلائيندا، هن موقعي تي ن ليگ جا ٻيا اڳواڻ محمد اسمائيل ڪورائي، ملڪ وسيم احمد عواڻ، نادر علي ميمڻ ۽ نيڪ محمد موجود هئا