بينظير ڀٽو پاڪستان نه پر دنيا جي وڏي ليڊر هئي،صدرالدين شاهه راشدي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي صدر پير سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو آهي ته پي پي وٽ هاڻي بينظير ڀٽو جهڙي قيادت نه هجڻ ڪري پارٽي بوکلاهٽ جو شڪار آهي ۽ ان ۾ ٽڪيٽن جي ورڇ تي اڳواڻن ۾ ڄنڊا پٽ واري ويڙهه هلي پئي پي پي هن وقت ختم ٿي رهي آهي باقي ذور اڳيان زاري زرداري پارٽي وڃي بچي آهي جنهن کي چونڊن ۾ شڪست ڏينداسين هنڱورجا ۾ اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ۽ پي ايس 34 جي سيد اسماعيل شاهه راشدي کي ڪامياب بڻائڻ واري چونڊ مهم واري جلسي کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته فنڪشنل ليگ چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ٻٽي بلدياتي نظام جو هميشه لاءِ خاتمو آڻيندي ۽ سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ واري سازش کي به بي نقاب ڪيو ويندو. هن چيو ته اليڪشن کٽڻ سولي ناهي ان لاءِ ڪارڪنن کي ڏينهن رات ووٽرن سان ويجهو رابطو رکڻو پوندو. صدرالدين شاهه دعوا ڪئي ته ايندڙ سنڌ حڪومت فنڪشنل ليگ جي هوندي ۽ سڀ ئي اميدوار ڪامياب ٿيندا. هن چيو ته هن وقت سنڌ جو آبادگار هاري نقلي ٻج ۽ نقلي زرعي دوائن جي ڪري پريشان آهي ان لاءِ نقلي زرعي دوائن سان گڏ نقلي اڳواڻن کان جان ڇڏائڻ جو پڻ موقعو آهي هن چيو ته بينظير ڀٽو پاڪستان نه پر دنيا جي وڏي ليڊر هئي ان جي شهادت کان پوءِ پارٽي ختم ٿي رهي آهي هن چيو ته سنڌ جي عوام جي ووٽن تي سنڌ کپائيندڙ اميدوارن کي شڪست نصيب ٿيڻي آهي هن چيو ته پي پي وارن بلدياتي نظام لاڳو ڪرڻ تي جشن ملهائي مٺائي کاڌي ۽ وري ان کي ختم ڪرڻ جي به مٺائي کاڌي اصل ۾ پي پي ٻيهر اقتدار ۾ اچي ٻٽو نظام آڻڻ چاهي ٿي پر هاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي ڪنهن به صورت ۾ قوم سان ٺڳي ڪندڙن کي 11 مئي تي ٻيهر ووٽ نه ڪندو. سيد ڪاظم علي شاهه ۽ سيد اسماعيل شاهه ٻئي گادين وارا آهن هن چيو ته عوام کي پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻي پوندي ۽ ان سان گڏ 11 مئي تي پولنگ اسٽيشنن جي به حفاظت ڪرڻي پوندي. 11 مئي تي گلاب جي گل تي ٺپو هڻي گلاب جهڙن اميدوارن کي ڪامياب ڪندو. جلسي کي اين اي 217 جي اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چيو ته عوام هاڻي روٽي ڪپڙا ۽ مڪان واري ڪوڙي ڏٽي تي هرگز ووٽ نه ڪندو اسان جي ڪاميابي يقيني آهي. جلسي کي پي ايس 34 جي اميدوار سيد اسماعيل شاهه راشدي خطاب ڪندي چيو ته اسان وٽ ڪوڙن ڏٽن ۽ ڪوڙن واعدن واري سياست ناهي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو ته ايوان ۾ وڃي سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪنداسين. جلسي کي ضلعي صدر سيد محرم علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته پي پي مان ماڻهو بيزار ٿي ويا آهن ڪيترائي اڳواڻ فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. جلسي کي نثار ابڙي، سيد عباس علي شاهه، شاهد تنيو، شفقت منگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.