بدين ۾ سياست جي سيزن ۽ بنا ٽڪيٽ ڀوڳ …………….!!
ادريس نھڙيو
ٺٽي جي شيرازي ڀائرن ۽ ملڪاڻين پاران پ پ پ تي ڊرون حملو ڪري نه صرف ٺٽي ضلعي پر لاڙ ۽ ٿرجي سياسي آسمان تي جيڪي اثر ڇڏيا آهن ان جا مثبت نتيجا ايندڙ اليڪشن تي ضرور پوندا ٽپي جي سياست ۾ ٽپي پوڻ واري ڳالهه تي ڪلهوڪا سياسي حريف هڪ ٿي بيهي رهيا آهن. هو پنهنجا سمورا اختلاف وساري پنهنجي ضلعي جي ڌرتيءَ وسيلن سامونڊي پٽي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بچاءُ واري نقطي تي هڪ ٿي ڌارين اميدوار جي مدد کان انڪاري ٿي بيهڻ واري اعلان کان پوءِ سمجھي سگھجي ٿو ته هو هاڻ جڳاڙي سياستدان نه پر علم عقل ۽ فهيم سان ٽمٽار ڄُڳاندر جوڳي ٿي ويا آهن. جيڪي پنهنجي جوءَ ۾ ڪنهن به ڪن ڪٽ ڪاپڙي کي قدم رکڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو وچن ورجائي ويٺا آهن. شيرازي ڀائرن ۽ ملڪاڻين جي اهڙي فيصلي سان ٺٽي جو عوام ضرور متفق هوندو ۽ سندن اهڙي حڪمت عملي نه صرف سندس سياسي قلعي جي ديوارن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي پر سندن اهڙي سوچ سان سندن ضلعي جي وسيلن ۽ ڌرتي تان بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪندڙ کي مُنهن جي کائڻي پئي هوندي پر سندن اهڙي فيصلي جو سندن ڀرواري پاڙيسري ضلعي بدين جي سياست تي به ضرور اثر پوندو. بدين مان ڀُٽي جي اليڪشن مان بيهڻ کانپوءِ پ پ پ جو قلعو سڏجندڙ ضلعو بدين جنهن کي ڀٽي جي ٻئي لاڙڪاڻي جو نالو به ڏنو ويندو هو. انهي ضلعي بدين کي ٽيهه پنجهٽيهه سالن کان پئرس بڻائيڻ جون دعوائون به ڪيون وينديون هيون. پر پ پ پ جي ڪيئي بار اقتدار ۾ اچڻ باوجود هي ضلعو پئرس ته نه پر مني پنجاب ضرور بڻيو آهي. هيل هن ضلعي ۾ به سياست جا سوين انڊلٺي رنگ نکري پيا آهن ڪو دور هيو جو پ پ پ جي اميدوار جي سامهون ڪو اليڪشن وڙهڻ لاءِ فارم ڀرائيندو هو ته اهو اميدوار لوڪ اڳيان لڄي پيو ٿيندو هو پر سياست جي بُک اهڙي بڇڙي بلا آهي جو ڀلي ان ۾ ماڻهو ڪيترو به ڏنگهجي پر ان جي پچر ڪونه ڇڏيندو آهي پر پ پ پ حڪومتي 5 سالن واري ڊگھي اقتدار ۾ آخر اهڙو ڇا ڪيو آهي؟ جو هن ضلعي ۾ نه صرف اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوارن جي هڪ ڊگھي قطار ميدان ۾ آهي هڪ پاسي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو قانوني عمل جاري آهي ته ٻئي پاسي سياسي جوڙ توڙ جو به ڪم هلي پيو. انهي لاءِ هيل سياست جي ميدان ۾ بدين اندر به ڀوڳ ٿيندا. بدين جي سياست ۾ پرانن پاپين سان گڏ نوان نوجوان به نروار ٿي نڪري پيا آهن. جيڪي هن اليڪشن جي سياست ۾ نوان رنگ رچائيندا. اقتدار جي اونهي ڪُن ۾ جيڪي انڌي ٽُٻي ڏئي اکين کان اوجھل ٿي ويا هُئا يا مسڪين عوام کي پنهنجي پسند جي ڪامورن ۽ ڪمدارن وٽ اڪيلو ۽ بي يارو مددگار ڇڏي ويا هُئا. سي نيٺ ظاهر ٿي عوام جي اجڙيل آکيرن ڏانهن اڏام ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. ڄڻ انهن جي دل دماغ ۽ چپن تي اها ئي لولي هُجي ته “توکي ڳوليان تنهنجون ڳالهيون ، صبح شام ، مون کي پل پل پوُر “تنهنجي ووٽ جا ”…!
پراڻيون فاتحائون عذر خواهيون ته پراڻيون سياسي رسمون ٿي ويون آهن پر هيل ته ڪجھ همراه بنا دعوت ڪاڄن ۾ به ڪاهي پيا آهن.
الٽو ، ڪلٽس ، ڪوري ، ڪرولا ، لينڊ ڪروزر ۽ پيجرو کان به اڳتي هيل ويگو گاڏين ۽ انهن جي ٽائرن جا نشان غريبن جي گھرن اڳيان ائين ڏسجن ٿا “ جيئن ڳُڙ تي مکيون” جتي ٻوڏ ۾ ٻُڏل سوين ڳوٺن جي ڪو سار لهڻ لاءِ تيار نه هو اُتي اڪيلي ڀونگي وارن وٽ به لکن جون گاڏيون لٽ اُڏائيندي ايندي نظر اچن ٿيون ، بدين ضلعي جي لوڪل سياست ۾ جڏهن مرزا خاندان جي انٽري ڪرائي وئي هُئي تڏهن مقامي سياستدانن ۽ عوام جي وهم ۽ گُمان ۾ به اهو نه هو ته هو ڪو سندس سياست ۽ وسيلن تي پنهنجا پنجا ايترا مضبوط ڪندا جو عام عوام ۽ سياستدانن کي سندن محتاج ٿيڻو پوندو. وقت گذري ويو اليڪشنون ٿينديون ويون سرمائي جي سر لڳائي کنڊ جي ڪارخانن جو بنياد رکي ضلعي ۾ پ پ پ جي پليٽ فارم تان سياست شروع ڪندڙ مرزا فيملي شروعات ۾ بدين ضلعي اندر جيڪا سياست ڪئي اُها مڃڻ جوڳي آهي ته عوامي ڀلائي واري هُئي پر محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ هن خطي ۾ هن خاندانن جي سياست واري يوٽرن نه صرف عام عوام ۽ ماڻهن ۾ مايوسي پکيڙي آهي. پر سندن ڇڏيل ڪامورن ۽ سياسي ايجنٽن جي روين ۽ پنهنجا نواز پاليسي جي ڪري به ماڻهن جي ذهنن ۾ وڏو انتشار ڦهلائي انهن کي گمراهي جي گس چاڙهي ڇڏيو آهي.
نه صرف انهن جي مقامي قيادت جي سياست جي وهندڙ سمنڊ کي ڪلراٺي پوٽي جي تلاءُ ۾ بيهاري ان کي ڪارو ڪنو ڪري سنواريو ۽ گدلايو آهي پر ان خاندان جي ڪيل محنتن ۽ خدمتن جو گھڻو ڪري ته ڪم ئي لاهي ڇڏيو آهي.
هن ضلعي ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽندڙ ڊاڪٽر فهميده مرزا جڏهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر بڻجي ۽ ايم پي اي جي سيٽ کٽي سندس ور ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا صوبائي گھرو وزير بڻيو ته هتي جي عوام کي محترمه جي شهادت جو گھڻو غم وسري ويو ۽ عوام خوشحالي جا خواب ڏسڻ ضروع ڪيا ، مگر صوبائي گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا جا ان اهم عهدي تي رهڻ دوران نه صرف سندس حڪومت جي اتحادي ڌر ايم ڪيو ايم پاران لياري آپريشن وارن مامرن تي اختلاف وڌي ويا پر گڏوگڏ سندس ئي حڪومت جي مرڪز ۾ صوبائي گھرو وزير رحمٰن ملڪ سان پڻ سندس اڻ وڻت ٿي پئي. ٻنهي سگھارن مخالفن جي مخالفت ۽ سندس ڪم ڪارن ۾ روڪاوٽن وجھڻ کان پوءِ هن دلبرداشت ٿي نه صرف عهدي تان استعيفيٰ ڏني پر ان حڪومتي اتحادي ڌر جي اڳواڻن خلاف ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جا ثبوت لنڊن پڻ کڻي جتي به مٿس ان ڌر جي لاڳاپيل ماڻهن هن تي قاتلاڻو حملو ڪيو. ۽ ڪجھ وقت کانپوءِ حڪومت ۾ شامل وڏين ڌرين سندس گھرواري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا بروقت کيس وطن واپس آڻي خاموش سياست ڪرڻ جو پابند پڻ ڪيو . جڏهن ته سندس عهدي ۽ وزارت تان ڏنل استعيفيٰ سبب تعلقي ٽنڊي باگي واري تڪ تان خالي ڪيل سيٽ تي باءِ اليڪشن ۾ سندس پُٽ حسنين مرزا کي وري چونڊکٽرائي جنهن لاءِ هو بابار چوندو هو ته آئون ان جي ڪڏهن به مدد نه ڪندس . جي اگر هو پ پ جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهيو. سياڻا سچ چوندا آهن ته سياست ۾ ڪابه ڳالهه آخري نه وندي آهي ائين هن جي ناراضگي ۽ سياست گڏوگڏ هلند رهيا . جنهن کي عوام نه سمجھي سگھيو، توڙي جو مرزا ذوالفقار جو هن اليڪشن ۾ ڪنهن به تڪ تان چونڊ وڙهڻ وارو اعلان ۽ فارم اڃان سامهون نه آيو آهي پر اندازو لڳائيندڙ ٻڌائين ٿا ته هو ڪنهن نه ڪنهن نموني سرگرم ضرور آهي، توڙي جو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر رهندڙ ڊاڪٽر فهميدو مرزا پنهنجي تڪ سميت ضلعي ۾ کوڙ سارا ترقياتي ڪم ۽ ميگا پراجيڪٽ ڏنا آهن . جن ۾ اسڪولن ، ڪاليجن ، اسپتالن کي اپ گريڊ ڪرڻ بلنڊنگن جي نئين سر تعميرات ڪرائڻ ٻهڊمي لڳ يونين ڪاونسل ڀڳڙا ميمڻ جي ديهه بوهڙڪي ۾ تباهه ۽ برباد ٿيل بوهڙڪي ٻيلي کي ٻيهر بحال ڪري ان کي سفاري پارڪ بڻائڻ ، ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ گرڊ اسٽيشنون قائم ڪرائڻ يا اپ گريڊ ڪرائڻ جھڙا مثالي ڪم سندس کاتي اچن ٿا پر 2011 جي ٻوڏ سان عوام جي بحالي جي حوالي سان جامع ڪم نه ٿيڻ ۽ سندس پارٽي جي مقامي قيادت پاران پنهنجا نوازڻ ۽ آيل امداد ۾ ڪرپشن ڪرڻ وارن مسئلن سبب ضلعي جو عوام گھڻي قدر مايوس آهي. نه صرف مقامي قيادت کان عوامي بيزاري جي هوا ڏسڻ ۾ اچي ٿي پر مقامي ادارن ۾ رکيل ڪرپٽ ڪامورن ۽ انهن جي اڍنگي روين پڻ عام عوام کي گھڻو مايوس ڪيو آهي. جنهن تي پڻ عوام ۾ ڪاوڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. تعلقي بدين ۽ سٽي بدين تي هڪ ذات برادري جي ماڻهن کي نوازڻ سان پڻ ٻين برادرين جي ماڻهن کي گھڻي مايوسي ملي آهي. پر ساڳي جاءِ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر رهندڙ ڊاڪٽر فهميده مرزا لاءِ وري به عوام جو رويو نرم آهي. اهڙي طرح پ پ پ جي اقتداري دور ۾ صوبائي سطح جي ٻين فيصلن جو پڻ اثر عوام ورتو آهي. جنهن ۾ پيپلز لوڪل آرڊينسس اسيمبلي ذريعي آڻي سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ٻه نظام رائج ڪرڻ جنهن جي مخالفت نه صرف سنڌ جا ٻيا چونڊيل نمائنده پر سنڌي اديب ، شاعر ليکڪ ، وڪيل ، شاگرد توڙي هر مڪتبِ فڪر جي ماڻهن ۽ عام عوام پنهنجا احتجاج رڪارڊ ڪرائي روڪيو . ٻيو وري سنڌ جي معدني وسيلن ۽ ٻيٽن کي وڪرو ڪرڻ واري فيصلي سان به سنڌ جو عوام متفق نه آهي. چاهي هو ڪنهن به سياسي فرقي سان تعلق رکندڙ هجي ايترا سارا مسئلا جمهوري حڪومت ۾ عوام سان ٿي وڃڻ کان پوءِ عوام مهنگائي ۽ بي روزگاري واري عذاب ، لوڊ شيڊنگ سميت ٻجن ڀاڻن جي وڌندڙ اگھن ۽ زرعي جنسن جي مارڪيٽ ۾ اچڻ وقت مناسب اگھ نه ملڻ ۽ وقت سر واهن شاخن ، واٽرن کي زرعي آبادين لاءِ پاڻي نه ملڻ سان گڏوگڏ شاخن واهن ، واٽرن جي کاٽين ۾ سيڊا ۽ مقامي هٿراڌو ڪميٽين پاران فنڊن ۾ کربين روپين جي ڪرپشن جھڙن معاملن ته ماڳين عوام کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي. جنهن سبب عوام مقامي قيادت جي ذهني ٽارچر ۽ جبري غلامي مان جند ڇڏائڻ لاءِ ٻين رستن ڏانهن نهارڻ لڳي آهي . جتي کين قومپرستن سان گڏ پ پ پ مخالف ڪيئي گروهه سندن آجيان جا منتظر آهن.