اليڪشن 2013باڊھ

باڊھ: بروھي ڀائرن جا فارم بحال ٿي ويا

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

باڊھ: بروھي ڀائرن جا فارم بحال ٿي ويا
باڊھ: بروھي ڀائرن جا فارم بحال ٿي ويا
باڊهه: پي ايس 35، پي ايس 41 ۽ اين اي 205 تي آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ٻن نوجوان سڳن ڀائرن نوراحمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي جا نامزدگي فارم منظور ٿي ويا. فارم منظور ٿي وڃڻ بعد اميدوار ڀائرن جي خوشي ۾ حامين پاران نعري بازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي نوجوان اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماضي جي چونڊيل نمائيندن جي غلط ۽ سنڌ دشمن پاليسين سبب عوام کائين بيزار آهي. ماضي جي حڪمرانن عوام جي سار سنڀال لهڻ بجاءِ پنهنجا بينڪ اڪائونٽ ڀري ڇڏيا جنهن سبب سندن اڪائونٽن جي حالت ته گهڻي سڌري وئي پر عوام بدحالي ۽ بي حالي جو شڪار ٿي ويو. هنن چيو ته چونڊيل نمائيندن هتان جي عوام کي سرسبز خواب ڏيکاري ووٽ وٺي وڃي اقتدار جا نشا ماڻيا ۽ هتان جي عوام کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو ۽ هتان جا مسئلا اتي جو اتي رهجي ويا. هنن چيو ته ٻنهي تڪن جو عوام اسان سان گڏ آهي ۽ انشاء الله عوام جي حمايت سان چونڊن ۾ ڪامياب ٿي هتان جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪبي، تڪ جا مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪري عوام اندر قائم احساسِ محرومي کي ختم ڪنداسين .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button