اڳوڻي ايم اين پاران خبرون ھلائڻ تي صحافي کي ڌمڪي خلاف احتجاجي ريلي
عبدالمجيد جهتيال،باڊهه
اين اي 205 تي پ پ جي نامزد اميدوار نظير ٻگهيو جي ڀاءُ اڳوڻي ايم اين اي حزب الله ٻگهيو پاران خبرون هلائڻ تي باڊهه جي جاکوڙي صحافي نظام ڪولاچي کي ڏنل موتمار ڌمڪين خلاف باڊهه ۾ مختلف تنظيمن جي مقامي اڳواڻن ڪامريڊ قادر بروهي، زيب علي ساريو، مسرور سيال، محمد علي خشڪ، فياض ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي ٽائون هال کان احتجاجي ريلي ڪڍي حيدر چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين پاران پ پ اڳواڻ حزب الله ٻگهيو خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 5 سال عوام کان پري رهندڙ پ پ جا اڳوڻا چونڊيل نمائندا اليڪشن ۾ پنهنجي شڪست کي يقيني سمجهي پنهنجا حواس وڃائي چڪا آهن، عوام پاران سندن خلاف احتجاج ڪرڻ واريون خبرون هلائڻ تي صحافين کي سنڱين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن چيو ته سنڌي ميڊيا سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي زبان آهي، صحافين کي دٻائي پنهنجي مرضي جا بيان ڏيارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته باڊهه سميت سنڌ جا صحافي پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن، سنڌ جا سمورا ساڃاهه وند ماڻهو ساڻن گڏ آهن، هنن نگران وزير اعظم، نگران وزير اعليٰ سنڌ ۽ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته صحافين کي ڌمڪيون ڏيندڙ پ پ جي اميدوار خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.