استاد چاهي تي ڪوبه شاگرد ڪاپي نٿو ڪري سگهي، ڪمشنر سکر
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ چيو آهي ته تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ استاد جو وڏي ۾ وڏو ڪردار آهي ۽ جيڪڏهن استاد چاهي تي ڪوبه شاگرد ڪاپي نٿو ڪري سگهي هن اهڙو اظهار ثانوي ۽ اعلى ثانوي بورڊ سکر جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي هلندڙ مخلتف امتحاني مرڪزن جو دوري دوران ڪيو. ڪمشنر سکر چيو ته سرڪاري ادارن ۾ تعليم جي معيار جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي جڏهن ته استادن سان گڏو گڏ سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين کي پڻ معياري تعليم جي فراهمي کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته والدين ۽ استادن کي شاگردن جي معياري تعليم جي لاءِ وڌ ۾ وڌ توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻٻرلوءِ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول موري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول پريالوءِ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڏا ماڇيون ۽ ٻين امتحاني مرڪزن جي دورو ڪيو ۽ امتحاني مرڪزن تي موجود تعليم کاتي جي عملي ۽ استادن کي هدايت ڪئي ته ڪاپي کي روڪڻ جا جوڳا اُپاءُ وٺن جڏهن ته پوليس اهلڪارن کي پڻ امتحاني مرڪزن تي لاڳو 144 قلم تي سختي سان عمل ڪرڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪيا.