پرڏيھي خبرون
اتر ڪوريا آمريڪا تي ايٽمي حملي جي منظوري ڏيئي ڇڏي
اتر ڪوريا جو چوڻ آھي ته پنھنجي فوج کي آمريڪا تي ايٽمي حملي ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آھي. بيان ۾ چيوويو آھي ته ڪوريا ۾ ھڪ کان ٻن ڏينھن ۾ جنگ شروع ٿي سگھي ٿي. آمريڪي وائيٽ ھائوس ۾ قومي سلامتي جي معاملن جي ڪونسل جي ترجمان ڪيٽيپلن ھيڊن ان بيان کي غير تعميري قرار ڏيندي چيو آھي ته ان سان حالتو بھتر بنائڻ ۾ مدد ڪانه ملندي. آمريڪي وزير دفاع چڪ ھيگل به چيو ته اتر ڪوريا جھڙي طرح جي ڪارواين ۾ ملوث آھي اھا ھڪ خطري جي نشاني آھي.