مورو

ھھڙا ٿين ھاڃا ھن ڀنڀور ۾، پوليس جي ظلم جي انتھا، ھڪ ڳوٺاڻو مارجي ويو

جاويد ڪانڌڙو ،مورو
Dadu bridge (640x480)دادو کان مورو ايندي دادو مورو پل تي سي آئي پوليس نوشهروفيروز دادو کان مورو ايندڙ مسافر وين کي روڪي مسافرن جي چيڪنگ دوران ڳوٺ لالو ماڇي جي ٻن نوجوانن شريف ماڇي ۽ قربان عرف ڏاڏو ماڇي کي وين مان لاهي ويهاري ڇڏيو ته ۽ چيو ته توهان ڏوهاري آهيو، پوليس وارا وين جي چيڪنگ ڪري رهيا هئا ته ٻئي نوجوان پوليس جي ڊپ کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پيڇو ڪري هڪ ڄڻي قربان عرف ڏاڏو ماڇي کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته شريف ماڇي کي ٽنگ ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن پاڻ کي بچائڻ لاءِ درياءَ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو بعد ۾ مقامي ماڻهن ۽ اتي موجود ملاحن درياءَ ۾ ٽپو ڏيندڙ شريف ماڇي جي ڳولا ڪرڻ لاءِ درياءَ ۾ لهي ڳولا ڪئي ته شريف ماڇي مئل حالت ۾ مليو جنهن کي درياءَ کان ٻاهر ڪڍيو ۽ اهڙو اطلاع سندن وارثن کي ڏنو جيڪي وڏي تعداد ۾ واقعي واري هنڌ پهتا لاش کڻائي قومي شاهراھ تي لاش رکي ڌرڻو هڻي پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪري مٿس قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ڌرڻي سبب مڪمل طرح ٽريفڪ بند ٿي وئي ان دوارن علي اصغر سولنگي، نظر محمد سولنگي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سي آئي پوليس نوشهروفيروز کي مڪمل اجازت ڏني وئي آهي ته هو اصل ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ بي گناھ نوجوانن کي گرفتار ڪري اهڙي طريقي سان قتل ڪيو پيو وڃي شريف ماڇي ۽ قربان عرف ڏاڏو ماڇي ڪنهن به ڏوھ ۾ ملوث ۾ ناهن هي پورهيت ۽ مزدوري ڪندڙ آهن پوليس بنا جواز انهن کي ڏوهاري قرار ڏئي پئسا حاصل ڪرڻ چاهي پئي بعد ۾ ايس ايس پي نوشهرفيروز جي حڪم تي مورو پوليس جي ايس ايڇ امداد ٽالپر ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن سان ڳالهيون ڪيون ۽ انهن کي يقين ڏياريو ته سي آئي پوليس جي اهلڪارن سانوڻ ڪلهوڙو، حسن لنڊ، سڄڻ عمراڻي، دُر محمد وسطڙو ۽ ٻين تي ايس ايس پي جي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي ۽ توهان سان انصاف ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ وارثن پاران لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ مورو اسپتال آندو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ لاش کي گهر کڻائي ويا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button