مختصر خبرون

ھنڱورجا ڏھر برادري جو احتجاج ختم

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا جي ڏهر برادري جي ماڻهن جو بااثر پاران زرعي زمين تي قبضو ڪري پوکيل فصل کڻي وڃڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي ٽئين ڏهاڙي به قومي شاهراهه تي ڌرڻو ، منڱڻيجا برادري جي سردار جي يقين ڏيارڻ تي احتجاج ختم
تفصيل موجب هنڱورجا جي ڏهر برادري جي ماڻهن هٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي علائقي جي بااثر پاران مبينا طور زمين تي قبضو ڪري فصل کڻي وڃڻ خلاف الله بخش ڏهر، روشن ڏهر، نصرالله ، سائينداد ڏهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخي ناصر شاهه گيٽ جي سامهون قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي ۽ بعد ۾ بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي ڏهر برداري جي ماڻهن الزام لڳايو ته بااثر يار محمد منڱڻيجو هٿيارن جي زور تي اسان جي ديهه مڇر ۾ زرعي زمين تي بااثر قبضو ڪري پوکيل فصل به کڻي ويا آهن. هنن چيو ته پوليس به بااثر سان ٻٽ بڻيل آهي ڪير به تدارڪ نٿو ڪري ڪيترائي ڀيرا علائقي جي چڱن مڙسن وٽ دانهيو آهي. هنن ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته بااثر خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته اسان جو هي احتجاج جاري رهندو. جڏهن ته منڱڻيجا برادري جي سردار غازي امان الله منڱڻيجو بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي احتجاج ڪندڙن ڏهري برادري جي ماڻهن سندن جي زمين ۽ کڻيل فصل واپس ڏيارڻ جو يقين ڏياري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button