ھنڱورجا

ھنگورجا: پسند جو پرڻو ڪندڙ صحافي جي گھر تي چڙھائي

انڊس نيوز، ھنڱورجا
ھنگورجا لڳ ڳوٺ ڪمن واهڻ ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس جي پنج مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ صحافي هاشم سهتو جي گهر تي چڙهائي سندس ۽ گهرواري مٿان وحشياڻو تشدد صحافي پاران پوليس تي ڦرلٽ ڪرڻ جو الزام ۽ پوليس چڙهائي خلاف آئيني پٽيشن داخل ڪرڻ جو اعلان، صحافي جي گهر تي پوليس چڙهائي خلاف سنڌ صحافي سنگت پاران احتجاج.
تفصيل موجب؛
هنڱورجا لڳ ڳوٺ ڪمن واهڻ ۾ گمبٽ ۽ صوڀوديرو ڊي ايس پي مير ملازم ۽ حميد پنهور جي اڳواڻي ۾ گمبٽ صوڀوديرو، هنڱورجا، سڳيون، راڻيپور، رسول آباد سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس پنج مهينا اڳ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ سڳيون جي صحافي محمد هاشم سهتو جي گهر تي بنا سبب جي چڙهائي ڪري ڀنڄ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ کيس ۽ سندس گهرواري سرداران ڏيپر جي مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو هن ڏس ۾ صحافي هاشم سهتو ٻڌايو ته پوليس چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪندي ڌاڙيلن وانگر گهر اندر داخل ٿي ڦر لٽ ڪئي ۽ منهنجي گهرواري ۽ منهنجي مٿان سخت تشدد ڪيو آهي بار بار چڙهائي بابت پڇڻ تي پوليس اسان مٿان تشدد ڪندي رهي هن چيو ته پوليس جي اهڙي وحشياڻي ڪاروائي خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي هن ٻڌايو ته پنج مهينا اڳ پسند جي شادي ڪرڻ تي ڏيپر برادري جا ماڻهو مونکي قتل ڪرڻ لاءِ مسلسل ڌمڪيون موڪلي رهيا آهن ۽ پوليس انهن جي ونگار وهندي به ڪاروائي ڪئي آهي صحافي جي گهر تي پوليس چڙهائي جي اطلاع تي فنڪشنل مسلم ليگ جو صوبائي اڳواڻ ۽ اين اي 217 جو اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه ۽ ضلعي صدر سيد محرم علي شاهه لڪياري صحافي هاشم سهتو جي گهر پهچي معلومات حاصل ڪئي پوليس ڪاروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي هوڏانهن صحافي جي گهر تي چڙهائي جي عمل خلاف سنڌ صحافي سنگت جي سڏ تي هنڱورجا ۽ سڳيون جي صحافين غلام حسين چانگ، محمد صديق سولنگي، هادي بخش خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي صحافين الزام لڳايو ته صحافي هاشم سهتو جي گهر تي هڪ سوچيل ۽ سمجهيل سازش تحت چڙهائي ڪري صحافين کي حراسان ڪيو پيو وڃي جيڪا وڏي نا انصافي آهي هنن چتاءُ ڏنو ته صحافي جي گهر تي چڙهائي ڪندڙ ذميوار عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سجھي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا شروع ڪيا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button