سکر

ڳجهي اطلاع تي ڪوٽ ڏيجي کان سکر ايندڙ ڪاري رنگ جا 6 ناياب نسل جا هرڻ هٿ ڪري

عمر سومرو، سکر
جهنگلي جيوت کاتي جي ٽيم غلام محمد گڏاڻي جي اڳواڻي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪوٽ ڏجي کان سکر ايندڙ شهزور گاڏي تي ڇاپو هڻي گاڏي ۾ رکيل ڪاري رنگ جا 6 ناياب نسل جا هرڻ هٿ ڪري محمد سليمان سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ڪاروائي بعد جنگهلي جيوت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام محمد گڏاڻي ٻڌايو ته جوابدار ڪوٽ ڏجي جي جهنگ مان پڪڙيل ڪاري رنگ جي ناياب نسل جا 6 هرڻ جنهن ۾ 3 ماديون ۽ 3 نر شامل آهن کي اسمگل ڪري پرڏيهه موڪلڻ چاهن پيا بروقت ڪاروائي ڪري اسمگلنگ ناڪام بڻائي آهي ان ڏس ۾ وڌيڪ جاچ کانپوءِ صورتحال واضع ٿيندي هن ٻڌايو ته هٿ ڪيل هرڻن کي اعلى اختيارن سان رابطي کانپوءِ نيشنل پارڪ يا سرحد ۾ ڇڏيو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button