اليڪشن 2013ڪشمور

ڪشمور ۾ چونڊ مھم شروع ٿي ويئي

انڊس نيوزڊاٽ نيٽ، ڪشمور
Kashmore Election Campaignڪشمور۾ پ پ پ پارن ٽڪيٽن جي اعلان بعد اليڪشني سرگرميون شروع ٿي ويون ،تفصيل موجب ڪجھ ڏينهن اڳ پيپلزپارٽي اندراين اي 210 ء پي ايس 18 تي ٽڪيٽن ورهاست تان اختلاف پيدا ٿي ويا هئا،جتي پارٽي کي ٽي دفعه پنهنجا اميدواربدلا ئڻا پيا، جنهن تي مزاري گروپ جي سرواڻ سردار سليم جان خان مزاري پ پ پ قيادت کي ٻن الفاظن ۾ چئيو ته پارٽي واعدي موجب ٽئي ٽڪٽون مون کي ڏيو ٻئي صورت ۾ آئون آزاد حيثيت ۾ پنهنجا اميدوار بيهاريندس، پ پ پ قيادت سردار سليم جان مزاري اڳيان مجبور ٿي ان جي صلاح سان اين اي 210 تي سردارسليم جان مزاري جي ڀاڻيجي احسان الرحمان مزاري ء پي ايس 18 تي مزاري ڱروپ جي اتحادي حاجي عبدالرئوف کوسو کي نامزد ڪيو ان اعلان بعد مزاري گروپ ـ پ پ پ چونڊ سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون، ايريگيشن ڪالوني ۾ مختلف جاين تي ڪارنر ڱڏجاڻي کي خطاب ڪندي سردارسليم جان مزاري چيو ته پ پ پ قيادت جا شڪر ڱذار آهيون جنهن اسان تي اعتماد ڪري ٽئي ٽڪيٽون اسان جي حوالي ڪيون ،پ پ پ 5 سالن ۾ ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪيا ء بيروزگارن کي نوڪريون ڏنيون آهن انهي ڪارڪردگي جي بنياد تي ايندڙ اليڪشن ۾ کٽي اچي ٻيهر عوام جي خدمت ڪنداسين،ٻئي طرف پ پ پ ڇڏي آزاد حيثيت ۾ اين اي 210 ء پي ايس 18 تي اليڪشن اميدوار مير غالب حسين ڊومڪي پڻ چونڊ مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي هن گڊو ،ڪشمور ء تنگواڻي ۾ مختلف ڪارنر گڏجاڻيون کي خطاب ڪندي چيو ته مان پ پ پ جو پراڻو ورڪر آهيان گذريل پنجن سالن ۾ پيپلزپارٽي جي هر فيصلي کي لبيڪ ڪيو آ،پر پ پ پ هر دفعه مون کي نظرانداز ڪيو آهي ،هن چيو ته گذريل پنجن سالن ۾ ايم پي اي جي حيثيت سان عوام جي خدمت ڪئي آهي اگر ڪنهن جي خدمت نه ڪري سگهيون آن ته مان انهن جو معذرت خواه آهيان.

وڌيڪ ڏيکاريو

ھڪ تبصرو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button