اليڪشن 2013ڪشمور

ڪشمور ضلعي ۾ اليڪشن 2013 مهم شروع، پ پ پ ۾ اختلاف سامھون اچي ويا

انڊس نيوز، ڪشمور
ECP15ڪشمور ضلعي ۾ اليڪشن 2013 مهم جي شروعات ٿي وئي آهي،ڪشمور ضلعي م ايم اين اي جي هڪ سيٽ آهي صوبائي جون اڍائي سيٽون آهن،ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ بعد اليڪشن مهم جي شروعات ٿي وئي آهي پ پ پ ۾ ٽڪيٽن جي غلط ورهاست سبب اختلاف پيدا ٿي ويا آهن ،اين اي 210 تي پ پ پ پاران گل محمد جکراڻي ء پي ايس 18 تي سرداراحسان مزاري کي ٽڪيٽ ڏيڻ تي سندس پنج سال اتحادي رهندڙ ميرغالب حسين ڊومڪي پ پ پ کان ڌار ٿي آزاد حيثيت م اين اي 210 تي چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،ٻئي پاسي مزاري گروپ جو اتحادي رهندڙ ء ڪجه وقت اڳ ۾ پ پ پ ۾ شامل ٿيندڙ حاجي عبدالروف کوسو پڻ اين اي 210 تي اليڪشن ۾ بيهڻ جواعلان ڪيو آهي،ان جو چوڻ ته پ پ پ پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري مون کي ٽڪيٽ ڏي ٻي صورت ۾ آئون آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندس ،ان صورتحال کان بعد پ پ پ لاء اين اي 210 جي سيٽ کٽڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ڇوته پ پ پ جي گل محمد جکراڻي گڌريل 5 سالن ۾ ڪاڪردگي ٻڙي هجڻ ڪري پوزيشن ڪمزور آهي،ٻئي پاسي ضلعي جي تنظيم جي ڪوشش آهي ته قيادت کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ڊومڪي يا کوسي کي ٽڪيٽ ڏياري وڃي.باقي پي ايس 18 تي پ پ پ جي اميدوار سامهون ڪو مظبوط اميدوارنه اچي سگهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button