جوھي

ڪاڇي ۾ گدڙن حملو ڪري نابين شخص کي ماري وڌو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، جوهي
ڪاڇي ۾ نابين پيرسن شخص کي گدڙن حملو ڪري ماري ڇڏيو ، 16 ڪلاڪن بعد لاش هٿ ، خبر موجب جوهي ويجهو ڪاڇي جي ڳوٺ چاڪر ڪوٽ جو رهواسي 60 ورهين جو نابين علي شير لنڊ ڊرگهه بالا شهر کان ڳوٺ وڃي رهيو هو ته حاجي خان واه وٽ گدڙن مٿس حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ پيرسن مارجي ويو ، واٽهڙن پاران 16 ڪلاڪن بعد لاش ڏسي سڃاڻپ بعد وارثن کي اطلاع ڏنو جن لاش کڻائي دفن ڪري ڇڏيو اهي ٻڌايو پيو وڃي اهو علائقو هن وقت به خطرناڪ جانورن جو آماجگاه بڻيل آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button