مختصر خبرون

ڏوڪري: سنڌ ۾ پنجاب جي شاگردن جي امتحان ڏيڻ خلاف جساف جو احتجاج

توفيق الزمان ميمڻ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڏوڪري
جساف تعلقه ڏوڪري پاران سنڌ ۾ پنجاب جي گھوٽڪي،ڪشمور ضلعن ۾ پنجاب جي شاگردن جو امتحان ڏيڻ خلاف لاڙڪاڻي بورڊ خلاف جساف جي اڳواڻ رُڪ سنڌي،راءِ ڏياچ پيرزادو،بي ڪي ديشي،خالد جوڻيجو،جھونجھار پيرزادو پاران احتجاجن طور ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ سخت نعري بازي ڪئي جڏهن پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ ڪيترن ڪلاڪن کان بند ٿي وئي،ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته لاڙڪاڻي بورڊ جي نااهلي آهي جو پنجاب جا شاگرد ڪشمور،گھوٽڪي ۾ امتحان ڏيئي رهيا آهن سنڌ جي ماڻهن جو حق غضب ڪري رهيا آهن،هنن مطالبو ڪيو ته ان عمل کي روڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button