مختصر خبرون

ڌرتي وڪرو ڪندڙ اڄ ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ اچن ٿا،ڪاظم علي شاهه لڪياري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير آف هنڱورجا سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڳوٺ سهتا، ڳوٺ منڱڻيجا، ڳوٺ سولنگي، ڳوٺ الهورايو واٽيو، ڳوٺ ڪوڙل جوڳي سميت ٻين ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري کين کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي سڄڻن ۽ دشمنن جي سڃاڻپ ڪن ڌرتي وڪرو ڪندڙ اڄ ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ اچن ٿا انهن کي 11 مئي تي خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي . 11 مئي تي تڪ جو عوام مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندو. هن ڀيري مخالف ڀڄڻ لاءِ واٽون ڳولهي رهيا آهن پر اسان انهن جا سڀئي رستا بند ڪري ڇڏيا آهن هن چيو ته پي پي جي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي عوام سندن کان بيزار ٿي چڪو آهي. اسان جي ڪاميابي غريب مسڪين ماڻهن جي ڪاميابي آهي. اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري تڪ جي عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button