مختصر خبرون

ڊاڪٽر خادم منگي جي گھر ۾ لڳل ڌاڙي خلاف بک ھڙتال

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
سکر پريس ڪلب آڏو ناليواري اديب ڊاڪٽر خادم منگي جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف جاڳرتا فورم پاران ڊاڪٽر غلام رسول گهمرو ،دلشاد عباس، غلام مصطفى جمالي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ سکر جي بهار ڪالوني واري علائقي ۾ نامعلوم هٿياربندن نالي واري دانشور ڊاڪٽر خادم منگي جي گهر ۾ داخل ٿي لکين روپين جي ڦر لٽ ڪئي سونا زيور ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا اهڙي واقعي جي اطلاع باوجود آباد پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي نه ڪئي سکر انتظاميا کي تڪڙو نوٽيس وٺڻ گهرجي .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button