مختصر خبرون

چونڊ مھم دوران ھوائي فائرنگ ۾ نينگري زخمي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، پنوعاقل
پنوعاقل جي ڪچي ۾ رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ وائڙي گولي لڳڻ ڪري 7 سالن جي نينگري زخمي، واقعي جي ٿاڻي تي رپورٽ درج ،نينگري کي پرائيويٽ ڊڪٽر وٽان علاج ڪرائڻ جو دٻاءُ گولي سياسي پروگرام ۾ ھوائي فائرنگ مان اڏري پورهيت جي گهر ۾ ڪري معصوم نياڻي مهڪ علي کي زخمي ڪري وڌو،چيو وڃي ٿو ته گذريل رات پ پ اڳواڻ خورشيد احمد جي اآمد دوران ميزبانن پارن استقبال ڪندي هوائي فائرنگ ڪئي جنهنجي نتيجي ۾ معصوم نينگري زخمي ٿي پئي صبح جو نياڻي جي والد رضا ڳوٺ ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي ته پوليس گهٻراهٽ جو شڪار ٿي ڳوٺاڻي کي اهو چئي موٽائي ڇڏيو ته پ پ اڳواڻ جو جلسو اسان جي حد ۾ نه ٿيو آهي ان ڪري اها گولي سانگي ٿاڻي جي علائقي مان آيل آهي رپورٽ به ان حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرايو،پورهيت کي ليٽر نه ملڻ ڪري نينگري جو علاج پرائيويٽ اسپتال مان ڪرائڻ جا اطلاع آهن ،هوڏانهن پ پ جي هڪ با اثر وانگارو پاران نينگري جي والد اعجاز ماڇي کي وڌيڪ ڪو قدم نه کڻڻ لاءِ مامري کي دفن ڪرڻ جا جتن ڪيا ،ياد رهي ته گذريل ڏينهن به ٺڪراٺي جي علائقي ۾ به ساڳئي پ پ اڳواڻ جي گاڏي هڪ پورهيت حاڪم ملڪ مٿان ڇڙهي وئي جيڪو سخت زخمي ٿيڻ ڪري سکر جي اسپتال ۾ زير علاج آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button