اليڪشن 2013ھنڱورجا

چونڊن ۾ پي پي ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي اميدوارن کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻيندس، حاڪم جوکيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
Jokhio Hakimاين اي 217 ۽ پي ايس 34 جي آزاد اميدوار حاڪم جوکيو دعوا ڪئي آهي ته 11 مئي تي پي پي ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي اميدوارن کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻيندس ڇوته پي پي ۽ مسلم ليگ جي اميدوارن ڪڏهن به عوام جي خدمت ناهي ڪئي. هنڱورجا ، صوڀوديرو، رسول آباد ۽ سمي جي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن سان گڏجاڻي ڪري کين کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته آزمايلن کي ٻيهر آزمائڻ جي تڪ جو عوام ٻيهر غلطي نه ڪندو. ڪاميابي يقيني آهي ۽ ڪامياب ٿي تڪ جي غريب ، مسڪين ، مظلوم عوام جي ايوان اندر نمائندي ڪندس. هن چيو ته منگي ، شيخ، جوکيا برادري جي چڱن مڙسن منهنجي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button