اليڪشن 2013شهدادڪوٽ

ڀٽو ۽ بينظير جي نعرو کان علاوه ڪوبه نعرو ٻڌڻ نه ٿي چاهيان، فريال ٽالپر

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، شهدادڪوٽ

 فريال ٽالپر
فريال ٽالپر
پ پ اڳواڻ ۽ اين اي 207 تڪ جي اميدوار فريال ٽالپور چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڀٽو ۽ بينظير جو نعرو لڳندو ٻيو ڪوبه نعرو ٻڌڻ نه ٿي چاهيان شهدادڪوٽ ۾ اڳوڻي ايم اين اي رميش لال پاران ڏنل آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي فريال ٽالپور چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ڪارڪن بينظير ۽ ڀٽو کان سواءِ ٻيو نعرو هنيو ته ان جي ميمبر شپ معطل ڪئي ويندي سندس چوڻ هو ته اليڪشن ۾ پارٽي ضابطن موجب ماحول بهتر بڻائڻو آهي هن چيو ته پيپلز پارٽي جي سياست تير تي ٺپو آهي فريال ٽالپور چيو ته پ پ کانسواءِ ٻيو ڪو به اميدوار ڪونهي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جا رهواسيو ڪن کولي ٻڌو نعرو آته ڀٽو جو نشان آته تير جو باقي سمورو تماشو بند ٿيڻ گهرجي هن چيو ته 11 مئي تي اوهان سڀني گهرڀاتين کي ساڻ ڪري پولنگ اسٽيشن پهچڻو پوندو فريال ٽالپور چيو ته ڳڙهي خدابخش پ پ جو قبلو آهي هن چيو ته ڪنهن کي به دماغ ۾ مڳي ڌارڻ نه گهرجي پارٽي پاران فيصلا ٿي ويا آهن جنهن تي سڀني کي لبيڪ چوڻو پوندو تقريب ۾ نواب سردار خان چانڊيو، سيٺ ڀاونداس ، اياز تونيو ۽ ٻين پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button