مختصر خبرون

پ پ تمام گهڻا سنڌ دشمن فيصلا ڪيا، مسرور جتوئي

جاويد ڪانڌڙو، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراھ ۽ اڳوڻي ايم پي اي مسرور احمد خان جتوئي ڳوٺ درس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ حڪومت ۾ هوندي تمام گهڻا سنڌ دشمن فيصلا ڪيا، ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان پير صاحب پاڳاري سان گڏجي پ پ جي ڪيل سنڌ دشمن منصوبن خلاف آواز اٿاريو ۽ نيٺ پ پ حڪومت مجبور ٿي گوڏا کوڙيا ۽ سنڌ کي ورهائڻ واري ڪاري قانون واري بل واپس ورتو، هن وقت عوام پ پ جي ڪيل سنڌ سان غداري وارن فيصلن کان نفرت ڪندي ۽ اسان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو ۽ اسان اسمبليءِ ۾ ٿيندڙ سنڌ دشمن فيصلن خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين ۽ هن علائقي جي ترقي سڌاري لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهنداسين ان موقعي تي منصور جتوئي، ، غلام علي گبول، انور علي ميمڻ، محمد هاشم نول، پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button