مختصر خبرون

پي پي مان مايوس ماڻهن فنڪشنل ليگ ڏانهن رخ ڪيو آهي، ڪاظم علي شاھ لڪياري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير ڪاظم علي شاهه لڪياري جا صوڀوديرو تعلقي جي مختلف يوسيز جي ڳوٺن ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ طوفاني دورا نواز ليگ اڳواڻن ڪامريڊ ضمير حسين سهتو، ذوالفقار سومرو ، نعمت الله ملاح، زاهد ملاح سميت 30 ڪارڪنن ۽ ڪنگري تعلقي جي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن علي بخش چانڊيو، ميرل چانڊيو، حاجي خادم چانڊيو، عرس چانڊيو، بشير احمد چانڊيو فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته فنڪشنل ليگ ۾ شموليت ڪندڙن چيو ته پير پاڳارو سنڌ جو محافظ آهي ان ڪري فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيا آهيون. جڏهن ته ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي فنڪشنل ليگ جي اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه چيو ته آهي ته پي پي مان مايوس ماڻهن فنڪشنل ليگ ڏانهن رخ ڪيو آهي. 11 مئي حق ۽ سچ جي فتح جو ڏينهن آهي ان ڏينهن تڪ جو مسڪين مظلوم ۽ غريب عوام پنهنجي حقيقي اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب بڻائيندو. اسان ڪوڙا ڏٽا ڏئي ووٽ وٺڻ وارن ۾ ناهيون مخالف ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ اچن ٿا ڇو ته انهن عوام جي ڪابه خدمت ناهي ڪئي انهن رڳو پنهنجي حڪومت ۾ پنهنجا پيٽ ڀريا آهن. گڏجاڻي کي فنڪشنل ليگ جو ضلعي صدر سيد محرم علي شاهه لڪياري، سيد عباس علي شاهه، مير غلام عباس ٽالپر ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button