اليڪشن 2013ھنڱورجا

پي پي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو واري پارٽي ناهي رهي، ظهور احمد شاهه جيلاني

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
Pir of Ranipurاڳوڻي وفاقي وزير پير آف راڻيپور پير عبدالقادر شاهه جيلاني جي فرزند پي پي اڳواڻ پير سيد ظهور احمد شاهه جيلاني عرف ابل سائين پنهنجي پٽ مٺا سائين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي ڀاءُ اڳوڻي ايم اين اي ۽ پي ايس 33 جي پي پي جي اميدوار پير سيد فضل علي شاهه جيلاني جي سخت مخالفت ڪندي پي ايس 33 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير سيد معشوق علي شاهه جيلاني جي حمايت ڪندي چونڊ مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پير سيد ظهور احمد شاهه جيلاني چيو ته 1970 کان وٺي پي پي سان نڀائيو آهي. هنن چيو آهي ته منهنجي ڀاءُ پير فضل علي شاهه ايم اين اي چونڊجڻ بعد درگاهه جي مريدن ۽ ووٽرن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪري پنهنجي من پسند چند ماڻهن کي نوازيو. اهڙي ماڻهو کي پارٽي ٻيهر ٽڪيٽ ڏني آهي جيڪا تڪ جي عوام سان ناانصافي آهي. هن چيو ته پي ايس 33 تي اسان جا مريد دوست ۽ ووٽر هن ڀيري فنڪشنل ليگ اميدوار پير سيد معشوق علي شاهه جيلاني کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا. هن چيو ته اهو وقت هيو جو با با سائين خيرپور ضلعي جون ٽڪيٽون ورهائيندو هيو پر ان جي وڃڻ کان پوءِ ڀائرن جي نااهلي ۽ تڪ جي عوام جي خدمت نه ڪرڻ جي ڪري عوام به سندن کان بيزار ٿي ويو آهي. هن پي ايس 33 جي عوام ۽ مريدن کي اپيل ڪئي ته اهي پير سيد معشوق علي شاهه کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن. هن وڌيڪ چيو ته پي پي کي ناهي ڇڏيو پر پارٽي جي غلط فيصلن جي ڪري اختلاف موجود آهن ۽ هاڻي پي پي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو واري پارٽي ناهي رهي. هن چيو ته اسان پارٽي ۾ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. پي پي ۾ آهيان ۽ پي پي ۾ رهندس جيڪڏهن پارٽي اندر غلط فيصلا ٿيندا رهندا ته پوءِ ڪجهه ٻيو به سوچي سگهجي ٿو. هن چيو ته صرف پي ايس 33 تي فنڪشنل ليگ اميدوار سيد معشوق علي شاهه جي حمايت ڪريون ٿا ۽ ان کي ئي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ورڪ شروع ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته 11 مئي تي حق ۽ سچ جي فتح ٿيڻي آهي جن عوام جا ڪم نه ڪيا انهن کي بري شڪست ملندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button