اليڪشن 2013ھنڱورجا

پي پي سان ٽڪر کائيندڙ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا، ڊاڪٽر مهرين ڀٽو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
Mahreen Bhuttoپي پي جي اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو آهي ته 11 مئي تي مخالف اميدوار ڳوليا به نه لڀندا. عوام هڪ ڀيرو ٻيهر تير جي نشان تي ٺپو هڻي مخالف اميدوارن جون ضمانتون ضبط ٿي وينديون. سمي ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو ته پي پي عوامي سمنڊ آهي ان سان جيڪو به ٽڪر کائيندو اهو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو. هن چيو ته پي پي پنج سالن جي دور ۾ لکين نوجوانن کي روزگار سان لڳايو ۽ لکين عورتن کي گهر ويٺي بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت وظيفو ڏنو پيو وڃي. 11 مئي تي عوام جي ڪاميابي ٿيڻي آهي. ساڍا چار سال حڪومت سان گڏ رهندڙ هاڻي پ پ حڪومت جي ڪهڙي منهن سان گلا ڪن پيا. ووٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي امانت آهي ۽ سنڌ جي عوام امانت ۾ خيانت نه اڳ ڪئي آهي ۽ نه ئي هاڻي ڪندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button