ھنڱورجا

پي پي جي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي، ڪاظم علي شاهه لڪياري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
Kazim Shahاين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير آف هنڱورجا پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري جا مختلف ڳوٺن ۾ طوفاني دورا منڱڻيجا برادري جي چڱن مڙسن وڏيرو سوائي خان منڱڻيجو، خادم حسين ، علي خان، غلام شبير منڱڻيجو ، حاجي صابل فقير پي پي سان پنهنجو پراڻو ناتو ٽوڙي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي. ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي فنڪشنل ليگ اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چيو ته پي پي جي هاڻي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي فنڪشنل ليگ جو مستقبل روشن آهي 11 مئي جو سج فنڪشنل ليگ اميدوارن جي ڪاميابي جو سج اڀرندو. هن چيو ته مخالف اميدوار کي 11 مئي تي تڪ جو عوام شڪست ڏيندو. منهنجي ڪاميابي يقيني آهي. اسان هميشه عوام سان گڏ رهيا آهيون ان ڪري ئي عوام اسان سان گڏ آهي 11 مئي تي دمادم مست قلندر ٿيندي ۽ مخالف ميدان ڇڏي ڀڄي ويندا. گڏجاڻين کي سيد محرم علي شاهه لڪياري، سيد عباس علي شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button