اليڪشن 2013فيض گنج

پي ايس 31 ۽ اين اي 216 تي پ پ پ ڌڙا بندي جو شڪار ٿي وئي

نديم چانگ، پڪا چانگ
پي ايس 31 ۽ اين اي 216 تي ٻانڀڻ ڀائرن کي ٽڪيٽون ملڻ کانپوءِ پ پ پ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن. هيسباڻي گروپ جيڪو هميشه ٻانڀڻ ڀائرن جو مخالف رهيو آهي ساڳيءَ پارٽي ۾ هجڻ سبب اميدوارن جي ورڪ ڪرڻ کان کتو جواب ڏيئي ڇڏيو آهي ڪجھه ڏينهن اڳ پ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر فقير بخت علي هسباڻي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته ساجد ٻانڀڻ سان اسانجا خوني تڪرار هلندڙ آهن انهن جي ورڪ ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
ٻئي پاسي بي بي جو ويجهو رهندڙ شوڪت راڄپر پڻ ٽڪيٽ‌ نه ملڻ‌کانپوئي پاسيرو ٿي ويو آهي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته شوڪت راڄپر پڻ پنهنجي حامين کي ساجد ٻانڀڻ کي ووٽ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ٽيون گروپ اطهر لاشاري جو آهي جيڪو سندس ڪم نه ٿيڻ کانپوءِ شيعا ڪائونسل طرفان بيهڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سبب ئي ٻانڀڻ ڀائرپنهنجي ورڪ شروع نه ڪري سگهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پ پ پ جا ڪارڪن مايوس ٿي مسلم ليگ ۾ شامل ٿي رهيا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button