اليڪشن 2013سکر

پي ايس 2 لاءِ جي يو آءِ اميدوار منهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندو، عبدالقادر گهمرو

انڊس نيوز ڊاٽ سکر

پي ايس 2 لاءِ جي يو آءِ اميدوار منهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندو، عبدالقادر گهمرو
پي ايس 2 لاءِ جي يو آءِ اميدوار منهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندو، عبدالقادر گهمرو
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ليگ اڳواڻ ۽ سکر پي ايس 2 جي اميدوار عبدالقادر گهمرو چيو آهي ته 10 جماعتي اتحاد طرفان پي ايس 2 لاءِ بيهاريل جي يو آءِ اميدوار عبدالغني کوسو منهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندو جيڪڏهن هن هٿ نه کنيو ته آءٌ آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندس ڇاڪاڻ تي هينئر عوام کي سٺي قيادت جي ضرورت آهي سکر جي نئين پنڊ واري علائقي ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته آءٌ ماضي ۾ به چونڊ وڙهندو رهيو آهيا مون کي تجربو ۽ اندازو حاصل آهي پي ايس 2 جي سيٽ ضايع ٿيڻ نه ڏيندس جي يو آءِ جي اميدوار عبدالغني کوسو کي منهنجي حق ۾ هٿ کڻڻو پوندو 10 جماعتي اتحاد پنهنجي جاءِ تي آءٌ ان اميدوار جي هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ عوامي حمايت حاصل ڪندي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندس .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button