اليڪشن 2013سکر

پي ايس 1 جي آزاد اميدوار صنم فقيرچونڊمھم جو آغاز ڪري ڇڏيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ سکر

پي ايس 1 جي آزاد اميدوار صنم فقيرچونڊمھم جو آغاز ڪري ڇڏيو
پي ايس 1 جي آزاد اميدوار صنم فقيرچونڊمھم جو آغاز ڪري ڇڏيو
سکر جي فقير به چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي سکرجي تڪ پي ايس 1 جي آزاد اميدوار صنم فقير ڪالهه سکر جي درگاهه شيخ شيهن تي چادر چاڙهي پنهنجي چونڊ مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ کان منهنجو ۽ منهنجي ساٿين جي آزمائش جو ڏينهن شروع ٿي ويو آهي گهر گهر وڃي ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي قائل ڪنداسين تڪ جي ماڻهن جيڪڏهن موجوده وقت کي تبديلي جو ذريعو نه بڻايو ته پوءِ هڪ عرصي تائين ساڳيا گهسيل ۽ پٽيل نمائندا چونڊجندا رهندا مون پنهنجي منشور کي عوام سامهون رکندي ٻڌايو آهي ته آءٌ غريب آهيان چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو مقصد غريب ماڻهن جي نمائندگي آهي ڇاڪاڻ ته غريب جي درد تڪليف کي غريب ئي سمجهي سگهي ٿو چونڊ عمل ۾ اچڻ زندگي جو هڪ نئون تجربو ضرور آهي پر اسان بي اولاد ۽ بنا ملڪيت وارا ماڻهو شروع کان ئي سوشل ڪمن ۾ سرگرم رهيا آهيون ان جي ڪري وڌيڪ پريشاني نه ٿيندي هن چيو ته آءٌ پ پ پ جي حاجي انور خان مهر ايم ڪيو ايم جي سليم بنڌاڻي ۽ مشرف محمود قادري سميت ٻين پارٽين جي اميدوار کي چونڊ عمل ۾ عوام جي مدد سان ٽف ٽائيم ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button