مختصر خبرون

پيپلز پارٽي عوام کي ڪرپشن مهانگائي بدامني کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو، ايم بي عباسي

بيورورپورٽ ،سکر
اڳوڻي سفير ايران عراق ايم بي عباسي چيو آهي ته پيپلز پارٽي پاران پنج سالن ۾ عوام کي ڪرپشن مهانگائي بدامني کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو آهي، ملڪ جي تمام اهم ادارن کي ڪرپشن جي ورچاڙهي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ عوام ووٽ جو درست استعمال ڪري، اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي سفير ايران عراق ايم بي عباسي گوٺ احمد بخش خان عباسي ۾ عباسي برادري پاران آل برادري ڪنوينشن جي موقعي تي منعقده جلسي کي خطاب جي دوران ڪيو،ا ن موقعي تي مير منور ٽالپر، نبي بخش عباسي، نياز حسين عرف بگٽي عباسي پڻ خطاب ڪيو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي اڳوڻي قائد شهيد بينظير ڀٽو جلسن جي دوران پنهنجي اميدوارن کان حلف ورتو هو ته هو عوام کان هو هر مشڪل گهڙي ۾ عوام جو ساٿ ڏيندا، ۽ انهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪندا، پر ڪرپٽ اميدوارن ان جي باوجود عوام کي دلاسن، ڪرپشن، بدامني کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو، هاڻي عوام سوچي سمجهي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي قيمتي ووٽ جو صحيح استعمال ڪري، ان موقعي تي انجمن اتحاد عباسيه سکر ضلعي جي صدر عاشق حسين عباسي جي ن ليگ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 3 پنو عاقل تي ايم بي عباسي سميت برادري جي ٻين معززين پاران حمايت جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي ريٽائرڊ ڊي آئي جي پير محمد عباسي، شاهنواز عباسي، سردار عباسي، محمد پناهه عباسي ديدار عباسي، ڪلهوڙو، ميتلو برادري، رند برادري سولنگي برادري، سميت عوام جي وڏي تعداد موجود هئي،

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button