مختصر خبرون

پنوعاقل : ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو ته شھر کي پئرس بڻائي ڇڏيندس

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ
پنوعاقل محبتي ماڻهن جو شهر آهي اعتراف ڪيان ٿو ته گذريل حڪومت ۾ ڪجھ ڪوتاهيون ٿيون آهن ،جيڪڏهن هن دفعي پني عاقل جي عوام ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو ته پنوعاقل کي پئرس بڻائي ڇڏيندس،اڄ چند ماڻهون ڌاريو چئي عوام کان ووٽ گهري رهيا آهن ،ايندڙ حڪومت دور ۾ اهڙا مثالي ڪم ڪندس جو پنوعاقل جو عوام مونکي پي ايس 3 جي ٽڪيٽ ڏيارڻ لاءِ احتاج ڪندا اهڙن خيالن جو اظهار پي ايس 3 جي اميدوار ڄام اڪرام خان ڌاريجو گنڊوخاڪي ۾ جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو، ان وقت محمد موسى کاڪي پنهنجي برادري سميت 11 مئي تي تير تي ٺپو هڻي چام اڪرام کي ڪامياب ڪرائڻ جو وچن ڪيو،ٻئي طرف پ پ اڳوڻن اڪرام الله ڌاريجو پاران سلطانپور،جلال ڳوٺ .ٻلهڻي ،روپهر ٺڪراٺو، مبارڪپور، چمني اڌ لکو،برٿ،نرڇ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پهچي ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون ۽ ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي ، هن سان گڏ شبير احمد شيخ،وڪيل ڌاريجو ،شاھ زمانانڍڙ،عزيزالله ڀٽو،ظفر ڌاريجو،خورشيد احمد ۽ ٻيا گڏ هئا، ٻئي طرف پنوعاقل شهر۾ اليڪشن ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جتي سارو ڏينهن شهيد راڻي بينظير ڀٽوجو ويڊِيو تقريرون هلن ٿيون جتي ايندڙ ويندڙ ماڻهن جو وڏو انگ ٿي وڃي ٿو ۽ اتي ماڻهون جيئي ءڀٽو جا نعرا هڻي محترمه جي قاتلن تي لعنتون وجهن ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button