سنڌيونيورسٽي

پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي: چئلينجز ۽ ان جي پائدار حل لاءِ ڪانفرنس اڄ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿي رھي آھي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
سنڌيونيورسٽي جي اهتمام هيٺ“ پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي: چئلينجز ۽ ان جو پائدار حل” جي سِري هيٺ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس اڄ 29 اپريل کان حيدرآباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ شروع ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي وارن چئلينجز ۽ ان جي حل لاءِ ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهر پنهنجيون تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪندا.عالمي ڪانفرنس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. تفصيل موجب سنڌيونيورسٽي پاران جرمني جي هڪ اداري هنس سيڊل فائونڊيشن جي سهڪار سان ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس اڄ (29 اپريل) کان انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ شروع ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سنگاپور جي ننيانگ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر روهن گنارتنا، پاليسي آرڪيٽيڪٽ انٽرنيشنل واشنگٽن جو صدر ڊاڪٽر روڊني ڊبليو جونز، يونيورسٽي آف ليڊن نيڌرلينڊ (هيگ) جي انٽرنيشنل رليشنس لسبان، پرتگال جو ڊاڪٽر ڊينيئل پينيو، لاهور مان اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري شمشاد احمد خان ، سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار رحيم الله يوسفزئي، قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي ڊفينس ۽ اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز شعبي جي ڊاڪٽر شبانه فياض، ساڳئي يونيورسٽي جي اسڪول آف پوليٽڪس اينڊ انٽرنيشنل رليشنس جو ڊاڪٽر نذير حسين، پشاور يونيورسٽي جي انٽرنيشنل رليشنس شعبي جو ڊاڪٽر اعجاز خان ، وال اسٽريٽ جنرل جو سينيئر صحافي آنند گوپال ، سينٽر فار ڪنفلڪٽ اينڊ پيس جو حڪمت خليل ڪرزئي، افغانستان ۾ صحافتي خدمتون سرانجام ڏيندڙ فري لانس صحافي ميٿيو ايڪن، واشنگٽن پوسٽ واشنگٽن ڊي سي جو سينيئر صحافي راجيو چندراسي ڪرن ۽ ٻيا ڪانفرنس کي خطاب ڪري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي سان منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجيون سفارشون پيش ڪندا. دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ جي موضوع تي رٿيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا سفير قونصليٽ جنرل، هاءِ ڪمشنر ۽ ٻيا مشهور اسڪالر شرڪت ڪندا. ڪانفرنس صبح جو ساڍي نائين وڳي شروع ٿيندي، جيڪا شام تائين جاري رهندي، جنهن بعد ٻئي ڏينهن پڻ ساڳئي وقت تي عالمي ڪانفرنس شروع ٿيندي. عالمي ڪانفرنس جا مقرر حيدرآباد پهچڻ شروع ٿي ويا، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميه پاران انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button