اليڪشن 2013ٽنڊو محمد خان

ٽنڊو محمد خان ۾ اليڪشن مهم ۾ تيزي اچي ويئي

فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان

ٽنڊو محمد خان ۾ اليڪشن مهم ۾ تيزي اچي ويئي
ٽنڊو محمد خان ۾ اليڪشن مهم ۾ تيزي اچي ويئي
ٽنڊو محمد خان ۾ اليڪشن مهم ۾ تيزي اچي ويئي مختلف تنظيمن جي اميدوارن ۽ آزاد اميدوارن پاران جلسا ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون پيون وڃن انهي حوالي سان پاڪستان ڪنزرويٽو پارٽي جي اين اي 222 ۽ پي ايس 54 تي نامزد اميدوار رحيمان ڀٽي جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڪپور موري ۾ هڪ وڏو جلسو ڪيو ويو جنهن کي پاڪستان ڪنزرويٽو پارٽي جي چيئرمين دانش چنا چيو آهي ته وڏيرن غريب ماڻهن کان ووٽ وٺي اسلام آباد ۾ عياشيون ڪيون آهن ۽ اڄ به هو ووٽ وٺي گم ٿي ويندا،هن چيو ته اسان هيٺين طبقي مان آهيون ۽ ڪڏهن به عوام سان دوکو نه ڪنداسين، ميڙاڪي کي خطاب ڪندي پي ايس 54 ۽ اين اي 222 جي نامزد اميدوار رحيمان ڀٽي چيو ته جيڪڏهن اسان ڪامياب ٿياسين ته عوام جي قسمت بدلائي ڇڏينداسين ، ۽ ڪو به ماڻهو بکيو نه سمهندو نه ئي ڪنهن جو ٻارڙو بيماري وگهي تڙپي تڙپي مرندو، هن چيو ته هن تڪ جي عوام لاءِ ڪروڙين روپيا ترقياتي فنڊن لاءِ آيا پر ترقياتي ڪمن بجاءِ رقمون هڙپ ڪيون ويون، هن چيو ته وطن ڪارڊ ۽ پاڪستان ڪارڊ جي آڙ ۾ عورتن جي تذليل ڪئي ويئي ۽ حڪومت نالي ڪا به شيء نه هئي ۽ نه ئي ڪٿي حڪومتي رٽ ڏسڻ ۾ آئي، ميڙاڪي کي جمال الدين جتوئي ، علي نواز ڀٽي، قاضي غلام مصطفى سولنگي ، تهذيب ڀٽي ۽ ٻين کي خطاب ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button