سکر

ٺري ميرواهه جي ڳوٺ الله آباد جي رهواسين جو گهرن مان بيدخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

ٺري ميرواهه جي ڳوٺ الله آباد جي رهواسين جو گهرن مان بيدخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
ٺري ميرواهه جي ڳوٺ الله آباد جي رهواسين جو گهرن مان بيدخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
سکر پريس ڪلب آڏو ٺري ميرواهه جي ڳوٺ الله آباد جي رهواسين علائقي جي بااثر وڏيري پاران گهرن مان بيدخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ شامل ، مسمات حاڪم زادي، سون خاتون، رڪ خاتون شر ۽ خادم علي ميڊيا کي ٻڌايو ته علائقي جي بااثر وڏيري پوليس جي مدد سان اسان جي گهر تي حملي ڪري گهر خالي ڪرائڻ بعد ان تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي مزاحمت ڪرڻ تي حملي آورن گهرڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن تي حاڪم زادي جو 5 مهينن جو حمل پڻ ضايع ٿي ويو اهڙي واقعي خلاف پوليس کي آگاهي ڏني پر ٺري ميرواهه پوليس وڏيرن جي وانگار وهندي ميڊيڪل لاءِ ليٽر نه ڏنو هنن چيو ته اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر به انهن بااثر وڏيرن جا مائٽ آهن اهڙي حال ۾ مجبور ۽ متاثر گهراڻي جي نه پوليس مدد ڪئي ۽ نه ئي اسپتال انتظاميه مدد ڪئي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي آيا آهيون تدارڪ ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button