مختصر خبرون

يوسي هنڱورجا جي ملازمن پاران ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال

يوسي هنڱورجا جي هڪ سئو ملازمن کي ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري شهر ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيو ۽ ٻئي ڏينهن به بک هڙتال ڪري ٽي ايم او خلاف سخت نعريبازي ڪئي تفصيل موجب يوسي هنڱورجا جي هڪ سئو ملازمن ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف محمد يوسف ڪلهوڙو، امداد سهتو، حليم شيخ، بشير شيخ، حيدر بخش ڏهر جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري يوسي آفيس کان احتجاجي جلوس ڪڍي شهر جو گشت ڪري پنجهٽي چوڪ وٽ هنڱورجا سڳيون لنڪ روڊ وٽ ڌرڻو هڻي هڪ ڪلاڪ تائين روڊ بند ڪري ڇڏيو. بعد ۾ مظاهرين يوسي آفيس سامهون پهچي ٻن ڏينهن کان قائم بک هڙتالي ڪئمپ تي علامتي بک هڙتال ڪئي. ملازمن الزام لڳايو ته ڪرپٽ ٽي ايم او صوڀوديرو ٻن مهينن جون پگهارون هڙپ ڪري اسان سان ناحق ڪيو آهي اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. جيسيتائين پگهارون نه ملنديون اسان جو هي احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن يوسي آفيس جي ملازمن ۽ صفائي عملي جي هڙتال سبب شهر جي صفائي نه ٿيڻ ڪري شهر جي سمورن رستن ، گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن ۽ گٽرن جو پاڻي اٿلڻ ڪري بدبو پکڙجي وئي آهي. ٻئي پاسي رسول آباد يوسي جي ملازمن روشن شيخ، مسمات راڻي، عتيق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف مين چوڪ تي بک هڙتال ڪئي آهي. مطالبو ڪيو ته رهيل پگهارون ڏنيون وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button